واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ)آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته مودي سرڪاري تنقيد ڪندڙن کي بدنام ڪرڻ ۽ دٻائڻ لاءِ ڊس انفوليب جي نالي سان آمريڪا ۾ هڪ پروپيگينڊا سيل بڻائي رکيو آهي. ڀارتي سرڪاري مودي جي ذاتي مشهوري ۽ تنقيد ڪندڙن جي آواز کي دٻائڻ لاءِ سازشون ڪري رهي آهگي جنهن لاءِ آمريڪا ۾ هڪ سوشل ميڊيا سيل بڻايو ويو آهي جنهن جا پول پڌرا ڪيا ويا آهن. مشهور آمريڪي رسالي واشنگٽن پوسٽ پنهنجي رپورٽ ۾ مودي جي ذاتي مشهوري ۽ تنقيد ڪندڙن کي بدنام ڪرڻ جي ڳجهي آپريشن کي وائکو ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته ڊس انفو ليب ذريعي مخالفن کي سوشل ميڊيا تي بدنام ۽ هراسان ڪيو ويندو آهي. واشنگٽن پوسٽ موجب ڊس انفو ليب مودي تي تنقيد ڪندڙ هر شخص ۽ تنظيم جو واسطو ڪنهن نه ڪنهن اسلامي يا عسڪري گروهه سان ظاهر ڪري ٿي ۽ تنقيد کي مودي جي خلاف عالمي سازش قرار ڏنو ويندوآهي. رپورٽ ۾ اها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڀارت جي ڊس انفوليب ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ مود تي تنقيد ڪندڙ آمريڪي ارب پتي جارج سوروز جو تعلق اخوان المسلمين ۽ پاڪستان ڳجهين ايجنسين سان ظاهر ڪيو هو. رپورٽ موجب ڀارت جي ڊس انفوليب اهو ظاهر ڪندي آهي ته عالمي دنيا مودي جي حڪومت ۾ ڀارت جي ترقي سان خفا آهي. مودي جا پگھاردار صحافي ڪوڙين جاچ رپورٽن کي خبرن جي چينلز ۽ عالمي ميڊيا تي ذريعن جي طور تي استعمال ڪندا آهن. رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته ٽوئيٽر تي ڊس انفوليب جي رپورٽس کي پکيڙيندڙ 250 اڪائونٽن مان 35 مودي جي وزيرن، 14 سرڪاري اهلڪارن ۽ 61 مودي جا پگھاردار آهن. واشنگٽن پوسٽ دعويٰ ڪئي ته ڊس انفوليب ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي آفيسر ليفٽيننٽ ڪرنل ستپاٺي 2020ع ۾ بڻائي هئي ۽ ڊس انفوليب هيل تائين 28 رپورٽون شايع ڪري چڪي جي پاڪستان مخالف ۽ مودي جي حق ۾ آهن. ان کانسواءِ ڪرنل ستپاٺي، شڪتي جي جعلي نالي سان عالمي نشرياتي ادارن کي ڀارت جي حق ۾ ۽ پاڪستان ۽ چين جي خلاف مواد نشر ڪرڻ لاءِ لابنگ ڪندو رهيو آهي.
