تازا ترين

العزيزيه ريفرنس ۾ سزا ڪالعدم قرار، نوازشريف بري

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) عدالت العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ 11 سال قيد جي سزا ڪالعدم قرار ڏيندي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف کي بري ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڄ العزيزيه ريفرنس ۾ سزا جي خلاف نوازشريف جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ٻڌڻي کان پوءِ دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ نوازشريف جي سزا جي خلاف فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مختصر فيصلو ٻڌائيندي العزيزيه ريفرنس ۾ نوازشريف جي سزا جي خلاف اپيل منظور ڪندي کيس ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو آهي. ڪيس جو فيصلو ٻڌڻ کان پوءِ نوازشريف روانو ٿيو ته عدالت ٻاهران موجود سندس وڪيلن نعريبازي ڪئي. ٻڌڻي جي موقعي تي عدالت جي اندر ۽ ٻاهر پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي هئي. عدالت جي اندر(ن) ليگ جي حمايتي وڪيلن جو وڏو انگ ۽ عدالت جي ٻاهران(ن) ليگ ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو. ياد رهي ته نوازشريف کي احتساب عدالت 24 ڊسمبر 2018 تي نيب جي العزيزيه اسٽيل مل ريفرنس ۾ 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. نيب نوازشريف جي خلاف 3 ريفرنس داخل ڪيا هئا ۽ نوازشريف ٽنهي ريفرنس مان باعزت بري ٿي چڪو آهي. ٻئي پاسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ به نيب ڪورٽ جي سزا ڪالعدم قرار ڏئي چڪي آهي. جڏهن ته فليگ شپ ريفرنس نيب طرفان واپس وٺڻ تي ختم ڪيو ويو. اڄ العزيزيه اسٽيل مل ريفرنس به ختم ٿي ويو.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے