تازا ترين

انڊر 19 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2024 جو شيڊول جاري ڪيو ويو

دبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي انڊر 19 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2024 جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب انڊر 19 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 19 جنوري کان 11 فيبروري تائين ڏکڻ آفريڪا ۾ کيڏيو ويندو، ايونٽ ۾ ڪل 16 ٽيمون حصو وٺنديون، ٽيمن کي چئن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ اي ۾ ڀارت، بنگلاديش، آئرلينڊ ۽ آمريڪا جڏهن ته گروپ بي ۾ انگلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، ويسٽ انڊيز ۽ اسڪاٽ لينڊ جون ٽيمون شامل آهن.گروپ سي ۾ آسٽريليا، سريلنڪا، زمبابوي ۽ نميبيا جڏهن ته گروپ ڊي ۾ پاڪستان، افغانستان، نيوزيلينڊ ۽ نيپال شامل آهن، پاڪستان ايونٽ ۾ پنهنجي پهرين ميچ 20 جنوري تي افغانستان سان کيڏندو. پاڪستان انڊر 19 ٽيم 24 جنوري تي نيپال ۽ 27 جنوري تي نيوزيلينڊ خلاف کيڏندي، ايونٽ جو فائنل 11 فيبروري تي کيڏيو ويندو.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

سريلنڪن ڪرڪيٽر تي ميچ فڪسنگ جو الزام، آءِ سي سي جو ايڪشن

سريلنڪن اسپنر پراوين جيا وڪرما کان آءِ سي سي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے