ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي پاڪ فوج جي جوانن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي ايصال ثواب ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ سوڳوارن سان دلي همدردي جو اظهار پڻ ڪيو. وڏي وزير چيو ته قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ متحد آهي ۽ پاڪستاني فورسز ملڪ جي سرحدن جي محافظ آهي ۽ عوام کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته دهشتگردي جو خاتمو پاڪستان جي خوشحالي ۽ بهتري لاءِ ضروري آهي ۽ پاڪ فوج دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. وڏي وزير چيو ته ڊي آءِ خان ۾ فورسز جي ڪامياب ڪارروائي سبب 27 دشتگردن کي جهنم اماڻيو ويو جڏهن ته جوابي ڪارروائي تي شهيد فوجي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. اسڪول جي خراب صورتحال بابت نوٽيس: سنڌ جي وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڪراچي جي گورنمينٽ ٽيڪنيڪل ايج پرائمري اينڊ سيڪنڊري اسڪول جي زبون حالت ۽ شاگردن جي حاضري بابت چيف سيڪريٽري کان انڪوائري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڌيڪ چيو ته ٻڌايو وڃي ته اسڪول ۾ ڪيترا شاگرد داخل آهن، اسڪول ۾ ڪيترو اسٽاف مقرر آهي ۽ اسڪول جي تباهه ٿيل عمارت بابت به رپورٽ ڏني وڃي. وڏي وزير چيو ته رپورٽ ۾ ٻڌايو وڃي ته اسڪول کي ساليانو ڪيترا فنڊ مليا آهن ۽ هن سال ڪيتري بجيٽ خرچ ڪئي وئي آهي.لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ ۾ تبديلي: سنڌ جي وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي چيئرمين کي فوري طور هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ان حوالي سان سنڌ حڪومت هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي واضح ڪيو آهي ته صوبائي محتسب جي فيصلي جي روشني ۾ سنڌ جي وڏي وزير، پروفيسر نسيم احمد کي چيئرمين لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي عهدي تان هٽائي ويو آهي.
هي به ڏسي سگهو ٿا
پوري سنڌ ۾ 25 آگسٽ کان برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان، ڪراچي ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو
ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ 25 آگسٽ کان تيز برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ …