لاهور (شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا هانيا عامر چيو آهي ته رومانوي رشتن کي بچائڻ گهرجي ڇو ته اهي ڏاڍا نازڪ هوندا آهن. مشهور اداڪارا هانيا عامر تازو ئي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي هن عاصم سان بريڪ اپ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ ٽريولنگ سميت ٻين موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.جڏهن ميزبان پاران عاصم اظهر سان دوستي ۽ بريڪ اپ بابت پڇيو ويو ته هانيا عامر چيو ته مون کي اهي ڏينهن به ڏاڍو مزو آيو، مون کي بريڪ اپ جو ڪو به افسوس ناهي.اداڪارا ان حوالي سان وڌيڪ چيو ته جڏهن ڪجهه خراب ٿئي ٿو ته ان وقت ڪير به ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي، مون کي ڪو به افسوس ناهي.ماضي جي غلطين بابت هانيا عامر جو چوڻ هو ته مان سمجهان ٿو ته هاڻي مون سکي ورتو آهي ته ڇا ڏيکارڻو آهي ۽ ڇا لڪائڻو آهي، هاڻي مان اهو ڪندي آهيان جيڪو صحيح سمجهان ٿو.سوشل ميڊيا تي پوسٽنگ جي حوالي سان هن چيو ته ڪيتريون ئي شيون منهنجي لاءِ مڪمل طور تي نارمل آهن، ان ڪري مان انهن بابت پوسٽ ڪريان ٿو.هانيا عامر جو وڌيڪ چوڻ هو ته مون اهو سکيو آهي ته رومانوي رشتن کي بچائڻ گهرجي ڇو ته اهي ڏاڍا نازڪ هوندا آهن. سوشل ميڊيا تي ٽريولنگ ڪندي هانيا عامر جو چوڻ هو ته مان پنهنجي پوسٽ تي منفي تبصرا بلڪل به نه پڙهندي آهيان، مان صرف پنهنجن دوستن ۽ مداحن جي محبتن واري ڪمنٽس تي ڌيان ڏيندي آهيان.
هي به ڏسي سگهو ٿا
تاپسي ۽ وڪرانت جي ” ڦر آئي حسين دلربا“ نيٽ فلڪس تي رليز
بالي ووڊ اداڪارا تاپسي پنو ۽ وڪرانت ميسي جي نئين فلم ” ڦر آئي حسين …