اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سوئي ناردرن کان پوءِ سوئي سدرن به سنڌ جي لاءِ گيس مهانگي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. سوئي سدرن گيس جي قيمت ۾ 226.18 روپيه في ايم ايم بي ٽي يو روزاني اضافو گهري ورتو آهي. جڏهن ته گيس جي موجوده سراسري قيمت 1470 روپيه 21 پئسا آهي. ڪمپني جي نئين سراسري گيس قيمت 1696 روپيه 39 روپيه مقرر ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ موقف ڏنو ويو آهي ته سوئي سدرن جا هلندڙ مالي سال 47 ارب 77 ڪروڙ روپيه، روينيو شارٽ فال جو اندازو آهي. جڏهن ته بلوچستان ۾ روينيو شارٽ فال جو اندازو 95 روپيه 40 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو آهي. ٽرانسميشن اينڊ ڊسٽري بيوشن لاڳت جي مد ۾ 150 روپيه 67 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو جي درخواست ڪئي وئي آهي جڏهن ته روپئي جي قدر ۾ لاٿ جي فرق جي مد ۾ 40 روپيه 96 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو گهريو ويو. اوگرا سوئي سدرن جي درخواست تي 18 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ ٻڌڻي ڪندو.
