اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ملاقات ڪري پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظامي معاملن بابت آگاهه ڪيو. پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف پڻ وزيراعظم کي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تازي ڪارڪردگي، پي ايس ايل، چيمپيئنز ٽرافي جي انعقاد ۽ ٻين معاملن کان آگاهه ڪيو.نگران وزيراعظم ڪرڪيٽ بابت بريفنگ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ذڪا اشرف کي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته هو پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بهتري چاهين ٿا، ڪرڪيٽ ڊپلوميسي ذريعي سفارتي لاڳاپا بهتر بڻائي سگهجن ٿا، حڪومت پي ايس ايل جي ڪامياب انعقاد لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي.
هي به ڏسي سگهو ٿا
سريلنڪن ڪرڪيٽر تي ميچ فڪسنگ جو الزام، آءِ سي سي جو ايڪشن
سريلنڪن اسپنر پراوين جيا وڪرما کان آءِ سي سي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ …