تازا ترين

پاڪستاني ليڊرن جي چونڊن ۾ اسان جو ڪو به ڪردار ناهي:آمريڪا

واشنگٽن ڊي سي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪا چيو آهي ته پاڪستاني ليڊرن جي چونڊن ۾ اسان جو ڪو به ڪردار ناهي، اسان پاڪستاني عوام جي چونڊيل قيادت سان ڳالهائيندا آهيون. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پريس بريفنگ ۾ چيو ته سمورن معاملن تي پاڪستان جي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه جاري رکنداسين، افعانستان، پاڪستان وچ ۾ مختلف مسئلن جي سفارتي حل جي حمايت ڪريون ٿا. ميٿيو ملر چيو ته اڳوڻن افغان پارليامينٽ ميمبرن کي ڪرپشن تي نامزد ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪري رهيا آهيون، اڳوڻن ميمبرن ۽ سندن ويجهن مائٽن کي آمريڪا ۾ داخلا لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي. امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته بدعنواني ۾ ملوث ماڻهن سان سلهاڙيل 44 ڪمپنين کي به نامزد ڪيو آهي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

شيخ حسينا واجد پاران بنگلاديش واپسي جو فيصلو؟ پٽ جو اهم بيان سامهون اچي ويو

ڪجهه ڏينهن اڳ بنگلاديش ۾ جاري حڪومت مخالف مظاهرن جي نتيجي ۾ شيخ حسينا واجد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے