اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته پيپلز پارٽي لاءِ اڄ تاريخي ڏينهن آهي، سالن کان اميد لڳائي رکي آهي، اميد آهي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جو ازالو ٿيندو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ريفرنس جي ٻڌڻي سڌي ريت ڏيکارڻ جي درخواست ڏني آهي، ڀٽو خاندان ۽ پيپلز پارٽي سان ظلم ٿيا ڏسجي ته ڪيئن ازالو ٿئي ٿو، پيپلز پارٽي چاهي ٿي صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي سڄي دنيا ڏسي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته پيپلز پارٽي لاءِ اڄ تاريخي ڏينهن آهي، سالن کان اميد لڳائي رکي آهي. سندس چوڻ هو ته اميد آهي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جو ازالو ٿيندو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ريفرنس جي ٻڌڻي سڌي ريت ڏيکارڻ جي درخواست ڏني. پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان جي فيصلي کي ساراهه جوڳو سمجهن ٿا، پيپلز پارٽي چاهي ٿي صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي سڄي دنيا ڏسي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جي بينچ تي هڪ جج بعد ۾ چيو هو ته ظلم ٿيو، ان وقت سمورا آواز بند ڪيا ويندا هئا ۽ ڳلا دٻايا ويندا هئا. پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو ته جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو ڳالهائيندو هو ته مائيڪ بند ڪيو ويندو هو، ڀٽو خاندان ۽ پيپلز پارٽي سان ظلم ٿيا ڏسجي ته ڪيئن ازالو ٿئي ٿو.
هي به ڏسي سگهو ٿا
دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو
دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …