پرٿ (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم آسٽريليا خلاف پرٿ ۾ کيڏي ويندڙ پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.شاهينز واڪا گرائونڊ ۾ ڀرپور پريڪٽس ڪئي، فزيڪل فٽنس سان گڏ بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ تي ڌيان ڏنو.واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ 14 ڊسمبر کان پرٿ ۾ شروع ٿيندي.پاڪستان ۽ پي ايم اليون وچ ۾ ڪينبرا ۾ کيڏيل چئن ڏينهن واري ميچ بنا ڪنهن فيصلي جي ختم ٿي وئي، جنهن کانپوءِ پاڪستاني ٽيم ڪالهه ڪينبرا کان پرٿ پهچي وئي. پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز کي بينو قادر ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.
