تازا ترين

بند ڪيل ٽرينن جي بحالي لاءِ راڌڻ ريلوي اسٽيشن تي احتجاج

راڌڻ ( رپورٽ ستار ميراڻي ) ڪوٽڙي سيوھڻ دادو راڌڻ لاڙڪاڻو ريلوي سيڪشن ايم ايل ٽو تي ھٿ سان بند ڪيل ٽرينن جي بحالي لاء راڌڻ ريلوي اسٽيشن تي احتجاجي مظاهرو خبر موجب ايم ايل ٽو تي سرجڻھار فورم سيتا جي سائين مشھور ميمڻ جي ڪوششن سان مختلف ريلوي اسٽيشنن سميت شھر شھر ڳوٺ ڳوٺ ۾ بند ٿيل ٽرينن جي بحالي ۽ بولان ميل جو ٻيو ٽريڪ بحال ڪرڻ لاء جدوجهد جاري آهي اھڙو مظاهرو سيتاروڊ ۾ ڪيويو جڏهن ته  ھن سلسلي ۾ راڌڻ شھر جي ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي ماما نظير بروهي علي حيدر رند صحافي هريش ڪمار صحافي حسيين بخش بروهي عبدالجبار چانڊيو  جي اڳواڻي ۾ بند ڪيل ٽرينن جي بحالي لاء پر امن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ بند ٿيل ٽرينن جي بحالي ۽ بولان ميل جو ٻيو ٽريڪ بحالي لاء احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ويو ان موقعي تي مقررين چيو ته ريلوي ھيڊ ڪواٽر پنجاپ لاھور جي متعصب ريلوي آفيسرن ٽرانسپورٽرن سان ملي ڀڳت ڪري وڏي رشوت وٺي ھٿ سان ڪوٽڙي کان روھڙي وايا سيوھڻ دادو راڌڻ لاڙڪاڻو روھڙي ريلوي سيڪشن ايم ايل ٽو تي ھلندڙ ريل گاڏيون بند ڪري سنڌ دشمني جو ثبوت ڏنو آهي جڏهن ته پنجاپ ۾ اڃا وڌيڪ ريل گاڏيون ھلايون وڃن ٿيون ھنن چيو ته ڏک جي ڳالهه اھا آهي ته 15 سالن کان ھتان جو عوام پ پ کي ووٽ ڏئي سنڌ ۾ پ پ کي حڪومت ڏيندو رھي ٿو ۽ شھيد ڀٽي شھيد راڻي شھيد مير مرتضا جون مزارون قلندر شھباز جي مزار مخدوم سعيدي موساڻي ۽ مخدوم بلاول جون مزارون رڻي ڪوٽ معصوم شاهه جو منارو لينس ڊائون پل ۽ موھن جو دڙو وغيره جون مزارون ۽ تاريخي جڳھون ھن لائين تي آهن پر پوء به پ پ قيادت جي ڪن تي جون ڪا نه ٿي چري ھنن مطالبو ڪيو ته ڪراچي کان پشاور ھلندڙ بند ڪيل خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس ڪراچي کان ڪوئٽيا ھلندڙ بولان ميل جو ٻيو ريڪ ڪوٽڙي کان روھڙي ھلندڙ بند ڪيل ذوالفقار ٽرين ۽ ٻيون بند ڪيل پيسنجر ٽرينون ڪوٽڙي کان لاڙڪاڻو ھلندڙ بند ڪيل شھباز ٽرين کي بحال ڪري عوام کي ڪوچن ويگنن بسن ۽ ٻين ٽرانسپورٽرن جي ڳاٽي ڀڳن ڀاڙن کان بچايو وڃي ھنن وڌيڪ چيو ته ھن مھانگايي ۽ بي روزگاري جي دور ۾ ھو ٻچا پالي نٿا سگهن ته ڪٿان ايڏا روڊ جي گاڏين جا ڳاٽي ڀڳا ڀاڙا ڀري سگھندا ان لاء غريب عوام سندس ٻچن ۽ عورتن جي سھولت آرام دھ ۽ سستي سفر لاء مذڪورھ بند ڪيل ريل گاڏيون ٻيھر ھلايون وڃن نه ته احتجاج جاري رھندو

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے