تازا ترين

دهشتگردن کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: شهيدن جون عظيم قربانيون رائيگان نه وينديون: آصف زرداري

اسلام آباد: (م ڊ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شهيدن جون عظيم قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون، دهشتگردن کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. اسان کي پنهنجي عظيم بهادر سپاهين ۽ آفيسرن تي فخر آهي.

اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ بهادري سان وڙهندي ٻه آفيسر ملڪ مٿان قربان ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب 39 ورهين جو ليفٽيننٽ ڪرنل سيد ڪاشف علي شهيد ڪراچي جو رهواسي هئو. جڏهن ته 23 ورهين جو ڪيپٽن محمد احمد بدر شاهد جو تعلق ضلعي تله گنگ سان هو. ٻنهي شهيدن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز چڪلالا جي گيريزن راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي.

صدر آصف علي زرداري، پرڏيهي وزير، گهرو وزير، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، چيف آف آرمي اسٽاف، سينئر حاضر سروس، فوجي ۽ سول آفيسر، شهيدن جا مائٽ ۽ علائقي جي مقامي ماڻهن جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.

صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان جي فوج ايمان، اتحاد ۽ نظم ضبط جي نظريات کي لاڳيتو برقرار رکيو آهي. اهڙن پائيدارن اصولن جي رهنمائي ۾ پاڪستاني فوج هميشه دهشتگردي جي خلاف پنهنجي جنگ ۾ پيشوارانه مهارت ۽ وفاداري جي اعليٰ مثال قائم ڪئي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے