راجن پور: ڀُنگ جي رقم نه ڏيڻ تي ڌاڙيلن 2 مغوين کي قتل ڪري ڇڏيو
Author
مارچ 17, 2024
تازا ترين, پاڪستان
166 Views
راجن پور: (م ڊ) راجن پور جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن ڀُنگ جي رقم ۾ دير ۽ مزاحمت تي 2 مغوين کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب رحيم يار خان جي رهواسي ٻنهي ڄڻن کي 13 ڏينهن اڳ ڇت ٺهرائڻ جي بهاني روجهاڻ گهرائي اغوا ڪيو ويو هو.
ڌاڙيلن ڀُنگ جي رقم ۾ دير ۽ مزاحمت تي ٻنهي مغوين کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ انهن جا لاش درياءَ جي حوالي ڪري ڇڏيا. هڪ مغوي احسن جي لاش کي ڪڍيو ويو آهي جڏهن ته ٻئي مغوي شهزاد جي اڃان تائين خبر نه پئجي سگهي آهي.
رحيم يار خان جي رهواسي مقتول احسن جي جنازي نماز جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي امامت ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ سياسي، سماجي شخصيتن سميت شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته 2 ڄڻن جو اغوا ۽ پوءِ قتل ادارن جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي، عوام لاوارث بڻجي چڪي آهي. سراج الحق مقتول احسن جي گهر به ويو ۽ ان جي وارثن ۽ ٻارن سان ملاقات سان گڏ تعزيت پڻ ڪئي.