رمضان جي پهرين هفتي ۾ مسجد نبوي ايندڙ زائرين جو انگ 50 لک کان وڌي ويو
Author
مارچ 17, 2024
تازا ترين, دنيا
209 Views
مڪوشريف: (م ڊ) حرمين شريفين انتظاميه چيو آهي ته رمضان المبارڪ جي پهرين هفتي ۾ مسجد نبوي 2 ۾ ايندڙ زائين جو انگ 50 لک کان وڌي ويو آهي. جن کي سهولتون ڏيڻ جي حوالي سان مختلف قدم کنيا پيا وڃن.
مسجد نبوي جا معاملا سنڀاليندڙن طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل هڪ هفتي دوران 52 لک 25 هزار 231 زائرين مسجد نبوي پهتا آهن. زائرين ۾ 1.49.149 تحفا به ورهايا ويا. رپورٽ موجب 414878 زائرين رسول صه جي روضي تي سلام پيش ڪيو 134447 مرد ۽ 107697 عورتن رياض الجنه ۾ نماز ادا ڪئي جڏهن ته گذريل هفتي دوران هيلپ لائن تي 648411 ڪالز مليون جن تي انتظاميه طرفان زائرين جي رهنمائي ڪئي وئي.
انتظاميه چيو آهي ته مسجد نبوي جي اندروني حصي سميت ٻاهرين حصي ۾ به افطار جا خصوصي انتظام ڪيا ويندا آهن. رمضان جي پهرين هفتي دوران 144000 زمزم جون بوتلون ۽ 15243 افطار جا ڪتاب ورهايا ويا.
ان کان علاوه مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ 110412 زائرين مسجد نبوي ۾ ترجمي جي سهوليت مان به فائدو کنيو. جڏهن ته 10482 بزرگ ۽ معذور ماڻهن ۾ جنرل اٿارٽي مسجد نبوي طرفان انهن جي لاءِ مخصوص خدمتن کي استعمال ڪيو.