تازا ترين

سنڌ ۽ بلوچستان جي صارفين لاءِ گيس وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: (م ڊ) ايندڙ مالي سال کان سنڌ ۽ بلوچستان جي صارفين لاءِ گيس وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي جنهن جي لاءِ اوگرا کي درخواست جمع ڪرائي وئي آهي.

سوئي سدرن گيس ڪمپني پهرين جولاءِ 2024 کان گيس مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي. ايس ايس جي سي گيس جي قيمت ۾ 274 روپيه 40 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو جو اضافو گهريو آهي ۽ گيس جي نئين اوسط قيمت 1740.80 روپيه مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.

درخواست ۾ سوئي سدرن ڪالهه 79 ارب 63 ڪروڙ روپين جي روينيو شارٽ فال جو اندازو لڳايو آهي جنهن ۾ مقامي گيس جي مد ۾ روينيو شارٽ فال جو اندازو 56 ارب 69 ڪروڙ روپيه ۽ آر ايل اين جي شارٽ فال جو اندازو 22 ارب 93 ڪروڙ 50 لک روپيه لڳايو ويو آهي.

اوگرا سوئي سدرن جي درخواست تي سڀاڻي ڪراچي ۾ ٻڌڻي ڪندو. جڏهن ته اوگرا طرفان درخواست تي 20 مارچ تي ڪوئٽه ۾ به ٻڌڻي ڪئي ويندي.

اوگرا موجب ايل اين جي جي مد ۾ به 49 روپيه 63 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو اضافو گهريو ويو آهي. اهڙي طرح مقامي گيس ۽ ايل اين جي تي گڏيل طور تي 234 روپيه في ايم ايم بي ٽي يو اضافو گهريو ويو آهي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے