تازا ترين

سوشل ميڊيا تي شهيدن جي توهين واري مهم پٺيان پي ٽي آءِ جي ٽيم آهي: عطاءُالله تارڙ

اسلام آباد: (م ڊ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته شهيدن جي توهين ڪنهن به صورت ۾ برداشت ڪرڻ جوڳي نه آهي. اهڙن ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته گذريل ڏينهن اتر وزيرستان ۾ دهشتگردي جو واقعو پيش آيو جنهن ۾ پاڪ فوج جا جوان ۽ آفيسر شهيد ٿيا پر هڪ سياسي پارٽي شهيدن جي قربانين بابت سوشل ميڊيا تي توهين جوڳي مهم هلائڻ مذمت جوڳي آهي.

اطلاعات واري وزير چيو ته هڪ سياسي پارٽي اڳ به شهيدن جي خلاف توهين جوڳو رويو رکي چڪي آهي پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيم اهڙن اڪائونٽن ۾ ملوث آهي.

هن چيو ته شهيدن سان اهڙو رويو برداشت نه ڪرڻ جوڳو آهي. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج، پوليس ۽ عوام قربانيون ڏنيون آهن. اسان شهيدن جي گهر ڀاتين سان گڏ بيٺل آهيون. سوشل ميڊيا مهم جي پٺيان ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. اهڙي طرح جي مهم هلائيندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

عطا تارڙ چيو ته شهيدن جي قربانين جو مذاق اڏائيندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن. سو ڀيرا سياسي تنقيد ڪريو پر خدارا شهيدن جي خلاف ته اهڙي زبان استعمال نه ڪريو. سرحد جي پار پاڪستاني مخالف لابي به انهي مهم ۾ حصو وٺي رهي آهي.

اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته  ٽيڪس اصلاحات ۽ ايف بي آر جي ٽطيم تي نئين سري سان ڪم ڪيو پيو وڃي.  ڪوبه اهڙو ڏينهن نٿو گذري جڏهن وزيراعظم معيشت بابت ڪنهن اجلاس جي صدارت نه ڪندو هجي. سياسي استحڪام جي نتيجي ۾ ئي معاشي استحڪام ايندو آهي.

عطاءُالله تارڙ چيو ته وزيراعظم روزاني جي بنياد تي اقتصادي معاملن تي اجلاس ڪوٺائي رهيو آهي. ملڪي معاشي صورتحال فوري قدم کڻڻ جهڙا نه آهن. خساري ۾ ويندڙ ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي. قومي يڪجهتي ۽ سلامتي جي لاءِ اسان کي گڏ ٿيڻ گهرجي.

اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته اسان ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ نه ڏينداسين ماڻهن جي زندگين کي آسان بنائڻ اسان جو مشن آهي. آءِ ايم ايف جي عمارت جي سامهون احتجاج جو ڪهڙو مطلب آهي. پاڪستان اچي احتجاج ڪريو. اسان ملڪ کي اڳيان کڻي وڃن چاهيون ٿا. اسان  کي قومي مسئلن تي گڏ ٿيڻ گهرجي. ميثاق معيشت جي اسان جي دعوت قبول ڪئي وڃي ها ته اڄ ملڪ جي اهڙي حالت نه هجي ها.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ ۾ وي پي اين کي بلاڪ نٿا ڪري سگهون،ان سان ڪاروبار کي نقصان پهچندو: پي ٽي اي اختياريون

 پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي(پي ٽي اي) جي اختيارين چيو آهي ته ورچوئل پرائيويٽ نيٽ ورڪ(وي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے