سڳيون ڀرسان ملاح برادري جو جو پاڪ ڪتاب کڻي مائٽن جي ظلمن خلاف احتجاج
Author
مارچ 17, 2024
تازا ترين, سنڌ
196 Views
سڳيون (رپورٽ اسدالله چنا) سڳيون ڀرسان سمي شهر جي رهواسين ملاح برادري جي ماڻهن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن جو پاڪ ڪتاب هٿن ۾ کڻي سندن ئي رشتيدار جي ظلمن خلاف احتجاج، غلام شبير ملاح، اخلاق احمد ملاح، ناويد علي ملاح، منصور علي ملاح ۽ ٻين قرآن پاڪ هٿن ۾ کڻي دانهيندي چيو ته اسان جا رشتيدار بااثر اعجاز احمد ملاح ۽ نثار احمد ملاح اسان جي زمين تي قبضو ڪيو آهي هو اسان جي زمين ڦٻائڻ لاءِ اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي اسان کي هر وقت حراسان ڪندا رهن ٿا اڄ اسان پنهنجي زمين تي ڍنڍ مان مڇي مارڻ لاءِ وياسين تہ بااثر اعجاز احمد ملاح ۽ نثار احمد ملاح جي ونگار وهندي ايس ايڇ او گمبٽ ياسر کوسو جنهن سان ڪجھ پرائيويٽ ماڻهو جن ۾ جلال الدين ميراڻي ۽ صدام لاڙڪ سميت ٻين اسان جي ٽن نوجوانن سراج احمد ملاح، علي حيدر ملاح سهيل ملاح کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، احتجاج ڪندڙن عورتن مردن پاران آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر ،ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن ادارن کان مطالبو ڪيو تہ اسان غريب مسڪين ماڻهن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان جي زمين تان اعجاز ملاح ۽ نثار ملاح جو ناجائز قبضو ختم ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل اعجاز احمد ملاح سان رابطو ڪرڻ تي هن چيو تہ هن ڪنهن جي بہ زمين تي قبضو ناهي ڪيو ڄاڻايل ڍنڍ منهنجي آهي جيڪا مون مڇي جو ٺيڪو ڏنو آهي مون ڪنهن کي بہ گرفتار ناهي ڪرايو عورتن کي استعمال ڪري بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي برادري ۾ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان