لاڙڪاڻو: هدايت الله لوهار جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج ڪندڙن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون، مظاهرين ۽ اهلڪار رتوڇاڻ
Author
مارچ 17, 2024
تازا ترين, سنڌ
157 Views
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو ڪجھ ڏينهن اڳ نصيرآباد شهر ۾ هٿياربندن جي مبينا فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل استاد هدايت الله لوهار جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج ڪندڙن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مظاهرين ۽ پوليس اهلڪار رتورت ٿي پيا، جڏهن ته پوليس ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو. تفصيل موجب نصيرآباد ۾ هٿياربندن هٿان مبينا طور قتل ٿي ويل استاد هدايت الله لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شهر جي جناع باغ چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ مقتول استاد جي وارثن، استادن، اديبن، شاعرن، ساڃاهه وندن سميت مختلف مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ عورتن، مردن توڙي معصوم ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري هٿن ۾ جهنڊا، بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي مقتول استاد هدايت الله لوهار جي نياڻين سسئي لوهار، سورٺ لوهار، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري تاج جويو، اياز ڪورائي، سرفراز ميمڻ، خالد چانڊيو، استاد گل دايو ۽ ٻين چيو ته استاد هدايت الله لوهار سنڌ واسين ۾ شعور پکيڙي هميشه امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي پرچار ڪئي جنهن کي سفاڪ قاتلن ڏينهن ڏٺي جو گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو افسوس جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس هن وقت تائين قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي واقعي بابت اسان سڀئي ثبوت پوليس کي ڏنا پر پوليس قاتلن کي گرفتار نه پئي ڪري جنهن ڪري خدشو آهي ته استاد هدايت الله لوهار جو خون لوڙھيو ويندو تنهن ڪري اسين واڳ ڌڻين کان مطالبو ٿا ڪيون ته فوري طور استاد هدايت الله لوهار جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. هوڏانهن احتجاج ڪندڙن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي احتجاج ڪندڙ ماڻهو پوليس اهلڪار لٺيو، ڏنڊا، سرون ۽ پٿر لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس اهلڪارن آسوگئس سان گڏ لاٺي چارج ڪندي ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي.