تازا ترين

مريم نواز جي مداخلت سان مليڪه بخاري کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ملي وئي

لاهور: (م ڊ)  پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي وقت تي مداخلت سان پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر مليڪه بخاري کي ڀيڻ جي عيادت لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ملي وئي.

مليڪه بخاري پرڏيهه وڃڻ جي اجازت جي سلسلي ۾ مدد ڪرڻ تي مريم نواز جو ٿورو ادا ڪيو. مليڪه بخاري چيو ته مون کي اطلاع ڏني وئي آهي ته منهنجو نالو نو فلائي لسٽ مان هٽايو ويو آهي.  ان کان اڳ مليڪه بخاري پنهنجي وڏي ڀيڻ جي بيماري جي حوالي سان پرڏيهه وڃڻ جي اپيل ڪئي هئي.

مليڪه بخاري ٽوئٽر تي پنهنجي ڀيڻ جي بيماري جي حوالي سان پريهه وڃڻ جي اپيل ڪئي هئي جنهن کان پوءِ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ان جي پوسٽ تي جواب ڏيندي چيو ته مان مليڪه بخاري کي ٻاهر اماڻڻ جي لاءِ لاڳاپيل اختيارين سان ڳالهائيندس.

مليڪه بخاري ڇنڇر تي ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ لکيو هو ته منهنجي وڏي ڀيڻ جي طبيعت تمام گهڻي خراب آهي هو وينٽي ليٽر تي آهي منهنجون سموريون ڀينرون ۽ ڀائر آسٽريليا وڃي رهيا آهن مان به پنهنجي ڀيڻ کي ڏسڻ چاهيان ٿي، جنهن جي ڪري مون کي پرڏيهه وڃڻو پوندو پر حڪومت هڪ سال کان منهنجو نالو نو فلائي لسٽ ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

مليڪه بخاري وزيراعظم شهباز شريف کي مينشن ڪري لکيو ته مون کي پنهنجي ڀيڻ سان ملڻ لاءِ آسٽريليا وڃڻ جي هڪ ڀيرو اجازت ڏني وڃي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز انهي جي اڪائونٽ تي جواب ڏيندي چيو ته  مان مليڪه بخاري کي پرڏيهه اماڻڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين سان ڳالهائيندس. مريم نواز مليڪه بخاري جي ڀيڻ جي صحت ۽ سلامتي لاءِ دعا پڻ ڪئي.

جنهن کان پوءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ملڻ تي مليڪه بخاري مريم نواز جو  ٿورو ادا ڪيو. مليڪه بخاري پوسٽ ۾ چيو ته اوهان  طرفان وقت تي مداخلت جو ٿورو رهندو. مون کي اطلاع ڏني وئي آهي ته منهنجو نالو نو فلائي لسٽ مان ڪڍيو ويو آهي.

ياد رهي ته مليڪه بخاري 25 مئي تي اسلام آباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف کي الوداع چئي ڇڏيو هو. اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪندي پارٽي عهدن تان استعيفيٰ ڏيڻ جو به اعلان ڪيو هو.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے