ڪراچي: (رپورٽر) ملڪ ۾ موسم تبديل ٿي رهيو آهي ۽ ڏينهن جي وقت گرمي جو زور وڌندو پيو وڃي.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ کان گرمي پد ۾ اضافي جو امڪان آهي ۽ پارو 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو جڏهن ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم خشڪ رهندو.
ٻئي طرف موسمياتي تجزيه ڪار موجب ڪراچي سميت سنڌ جي ميداني علائقن ۾ اڄ کان گرمي جي شدت ۾ اضافو ۽ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف هنڌن تي موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.
موسمياتي تجزيه ڪار ٻڌايو ته سنڌ جي ميداني علائقن ۾ اڄ کان اربع تائين ڏينهن جو گرمي پد ڪجهه وڌيڪ رهي سگهي ٿو. ان دوران مختلف علائقن ۾ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.
موسميات تجزيه ڪار موجب سنڌ جي اوڀر ۽ اولهه وارن علائقن ۾ گرمي پد 38 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿو جڏهن ته ڪراچي ۾ اڄ گرمي پد 35 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.