ميرپورماٿيلو ۾ ڀائرن جو ملڪيت جي تڪرار تان جهيڙو، گوليون لڳڻ سبب ٻه ڀائر زخمي
Author
مارچ 17, 2024
تازا ترين, سنڌ
137 Views
ميرپور ماٿيلو (رپورٽر) ميرپورماٿيلو ۾ ڀائرن جو ملڪيت جي تڪرار تان جهيڙو گوليون لڳڻ سبب ٻه ڀائر زخمي، زخمي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال داخل، تفصيل موجب ميرپورماٿيلو ويجهو يارو لنڊ پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ ريحان لُنڊ ۾ سڳن ڀائرن ۾ ملڪيت جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جهيڙي ۾ فائرنگ ڪئي وئي، جڏهن ته ننڍي ڀاء آصف لُنڊ پاران وڏن ڀائرن حارف لُنڊ ۽ حنيف لُنڊ مٿان گوليون هنيو ويون، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب حارف لُنڊ ۽ حنيف لُنڊ زخمي ٿي پيا، جنهن بعد زخمين کي يارو لنڊ ٿاڻي تي آندو ويو جتي پوليس ابتدائي رپورٽ داخل ڪري کين زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو علاج لاءِ موڪلي ڇڏيو آحي، جتي کيس ٻنهي زخمين جو علاج هلندڙ آهي..