ميرپور ماٿيلو؛ رمضان شريف شروع ٿيڻ سان ئي منافعي خورن پنهنجا من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا
Author
مارچ 17, 2024
سنڌ
129 Views
ميرپور ماٿيلو (رپورٽر) ميرپور ماٿيلو؛ رمضان شريف شروع ٿيڻ سان ئي منافعي خورن پنهنجا من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا، فروٽ، سبزي، توڙي کائڻ پيئڻ جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا، انتظاميه اگهور ننڊ ۾ ستل، ڊي سي گهوٽڪي به ٻوٽو نه ٻاريو، غريب ماڻهو ٻنهي هٿن سان ڦرجڻ لڳا، سياسي سماجي ڌرين پاران ڪاروائي جو مطالبو، تفصيل موجب ميرپور ماٿيلو ۾ رمضان شريف شروع ٿيڻ سان ئي منافعي خورن پنهنجا من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، فروٽ، سبزي، توڙي کائڻ پيئڻ جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا، ان حوالي سان ميرپور ماٿيلو ۾ کارڪون 550 روپيه ڪلو ۽ گدرو 200 روپيا ڪلو، مالٽا 200 روپيا ڪلو، صوف 300 روپيا ڪلو، زيتون 150 روپيا ڪلو، ڪيلا درجن 150 روپيا، چڪون 250 سئو روپيا ڪلو گجر 100 روپيا ڪلو ليمو 100 روپيا پاءُ کرا 100 روپيا ڪلو، بصر 200 روپيا ڪلو آلو 60 روپيا ڪلو، ٽماٽا 150 روپيا ڪلو، ساوا چڻا 230 روپيا ڪلو ساوا مرچ 150 سئو روپيا پاءُ، فارمي مرغي 700 روپيا ڪلو، مڇي 700 سئو روپيا ڪلو سرعام وڪامجڻ لڳا آهن، هوڏانهن ضلعي انتظاميه اگهور ننڊ ۾ ستل آهي، هوڏانهن ڊي سي گهوٽڪي به ٻوٽو ناهي ٻاريو، جڏهن ته غريب ماڻهو ٻنهي هٿن سان ڦرجڻ لڳا آهن، ۽ مزدوري ڪندڙ پورهيت هڪ هزار ڏهاڙي ڪمائي ٿو پر ايتري مهانگائي هوندي پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي نه ٿا سگهن، هوڏانهن سياسي سماجي ڌرين پاران منافعي خورن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي..