تازا ترين

نصيرآباد: ارٿر برانچ جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگار سراپا احتجاج

نصيرآباد(رپورٽر): شهر مان گذرندڙ ارٿر برانچ جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري پڇڙﻱ جون زمينون بنجر بڻجي ويون آهن. صحافين سان ڳالهائيندي آبادگارن  نظير مسڻ، قربان ،حسين بخش ۽ ٻين چيو ته رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ آرٿر برانچ جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري هر سال پڇڙي ۾ سوين ايڪڙ زمين آباد ٿيڻ کان رهجي وڃي ٿي، جنھن ڪري آبادگار معاشي طور پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.ھنن چيو ته آبپاشي کاتي جي عملدارن کي بار بار دانهون ڏيڻ باوجود ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. آبادگارن آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ي سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو ته ارٿر برانچ جي منڍ کان پڇڙي تائين بهتر نموني کاٽي ڪرائي اسان جون زمينون بنجر ٿيڻ کان بچايون وڃن، ٻي صورتَ ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے