وزيراعظم پاڪ فضائيه سربراهه جي ملازمت جو مدو وڌائي ڇڏيو
Author
مارچ 17, 2024
تازا ترين, پاڪستان
159 Views
اسلام آباد: (م ڊ) وزيراعظم پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
وزيراعظم ايئر چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي سمري صدر کي موڪلي آهي، صدر ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو اعلان ڪندو.
ظهير احمد بابر سڌو 19 مارچ 2021 ۾ پاڪ فضائيه جي ڪمان سنڀالي هئي، هن 1986 ۾ فائٽر پائلٽ طور پاڪ فضائيا ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.