وفاق کان ملندڙ پئسا خيرات نه اسان جو حق آهي، هر صورت ۾ وٺي رهنداسين: علي امين گنڊاپور
Author
مارچ 17, 2024
پاڪستان
98 Views
پشاور: (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته وفاق کان ملندڙ پئسا خيرات نه اسان جو حق آهي جيڪو اسان هر صورت ۾ وٺي رهنداسين.
ڊيرا اسماعيل خان ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته منهنجي پهرين ترجيح صوبي ۾ امن امان ڪرائڻ آهي. امن کان سواءِ ترقي نٿي ٿي سگهي. امن امان جي حوالي سان مڪمل پلان بنائي ورتو آهي جنهن تي جلد ڪم شروع ٿيندو.
علي امين چيو ته منهنجي ترجيح صوبي کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي اسان ماڻهن کي مڇي پڪڙڻ سيکارينداسين، سال ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي 10 هزار روپيه ڏنا ويندا ته انهي مان ڇا ٿيندو. قومون اهي بڻجنديون آهن جيڪي پنهنجي پيرن تي بيهنديون آهن. ماڻهن کي خيرات ڏئي قومون نٿيون بڻجي سگهن.
هن چيو ته نوجوانن کي گهرجي ته پنهنجو ڪاروبار ڪن، ڇهه لک روپين جي مينهن 15 کان 16 ڪلو کير ڏيندي آهي جنهن مان سٺو روزگار ڪري سگهجي ٿو. نوجوان چوٿين گريڊ جي پٽيوالي جي نوڪري لاءِ پنج کان ڇهه لک روپيه رشوت ڏئي رهيا آهن پر انهي کان بهتر ته اهو آهي ته پنهنجي مينهن پالي بهتر روزگار ڪمائي سگهن ٿا. بهتر آهي ته هڪ ڳئون ئي پالي وٺو. 50 روپين جو آنو اسلام آباد ۾ 60 روپين جو ملي ٿو جيڪڏهن هڪ لک روپين جون ڪڪڙيون وٺي ڇڏيو ته اوهان کي ڪم ڪرڻ جي ضرورت نه آهي.
ڪي پي ڪي جي وڏي وزير چيو ته وفاق کي جيڪي اسان کي بقايائون ڏيڻون آهن ته اهي ته کين ڪنهن به صورت ۾ ڏيڻيون پونديون، اهو اسان جو حق آهي. ڪنهن کان خيرات نه گهري رهيا آهيون. اسان جو صوبو اوهان کي سستي اگهن تي بجلي ڏئي رهيو آهي جيڪا اوهان مهانگي اگهن تي وڪرو ڪري رهي اآهيون. وفاق صوبي سان معاهدو ڪيو آهي جنهن موجب به پئسا نه مليا ته پوءِ اها مذاق آهي وفاق اسان جي صوبي کي ڪجهه سمجهي ئي نٿي.