ڀرياسٽي ويجھو ڪلھوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، گوليون لڳڻ سبب نينگر ۽ عورت سميت پنج ڄڻا زخمي
Author
مارچ 17, 2024
تازا ترين, سنڌ
206 Views
ڀرياسٽي (رپورٽر)ڀرياسٽي ويجھو ڳوٺ مکڻ ڪلھوڙو ۾ ڪلھوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو گوليون لڳڻ سبب ھڪ معصوم نينگر ۔ ھڪ عورت سميت پنج ڄڻا زخمي ۔زخمين کي ڳوٺاڻن اسپتال منتقل ڪيو ۔ ٻنھي ڌرين پاران ھڪ ٻئي خلاف ڀرياسٽي ٿاڻي تي اين سي داخل ۔ تفصيل موجب ڀرياسٽي ويجھو ڳوٺ مکڻ ڪلھوڙو ۾ ڪلھوڙا برادري جي ٻن ڌرين فوٽل ڪلھوڙو ۽ عبدالرحمان ڪلھوڙو جي ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان جھيڙو ٿي پيو جھيڙي ۾ فائرنگ دوران ٻنھي ڌرين جا 10 سالا معصوم نينگر عيشان پٽ احسان ڪلھوڙو ۔ مسمات ڪونج زال عبدالرحمان ڪلھوڙو ۔ نوجوان مسڪين ڪلھوڙو پٽ فوٽل ڪلھوڙو ۔ فوٽل ڪلھوڙو ۽ عبدالرحمان ڪلھوڙو گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا ۔ جڏھن ته فائرنگ جي آواز تي ڳوٺاڻن پھچي زخمين کي ڀرياسٽي اسپتال منتقل ڪيو ۔ جتي ڊاڪٽرن پاران زخمين کي فورن طبي امداد فراھم ڪئي ۔ جڏھن ته ھڪ زخمي نوجوان مسڪين ڪلھوڙو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاھ اسپتال ريفر ڪيو ويو ۔ان سلسلي ۾ زخمي فوٽل ڪلھوڙو ٻڌايو ته صبح چانھ پيئڻ لاء ڳوٺ حسين ڪلھوڙو ويس ته عبدالرحمان پاڻ گھٽ وڌ ڳالھايو ۽ پوء پنھنجن پٽن نصيرڪلھوڙو ۔ بخشل ڪلھوڙو ۔امير ڪلھوڙو ۔ عرفان ڪلھوڙو سان گڏجي ھٿيار ريپٽر سان ڳوٺ اچي ھلان ڪري حملو ڪري زخمي ڪيو آھي ۔ جڏھن ته جھيڙيندڙ ڌريون پاڻ سالا ڀيڻيوا آھن ۔ ٻئي پاسي ڀرياسٽي پوليس ٻنھي جون اين سي داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي ۔ جڏھن ته ٻئي پاسي علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آھي ۔