نيويارڪ: (م ڊ) عالمي سطح تي امن ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بنائيندڙ اداري گڏيل قومن جي ٻن نمائندن تيل جي 3 عالمي ڪمپنين کان مطالبو ڪيو آهي ته غزه جنگ جي دوران اسرائيلي فوج کي تيل سپلائي بند ڪري ڇڏين.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري جي رپورٽ موجب خوراڪ جي حق بابت گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي مائيڪل فخري ريسرچ به پيش ڪئي آهي. مائيڪل فخري موجب آمريڪا، برازيل، روس، آذربائيجان ۽ قازقستان جي ذريعي اسرائيلي فوج کي تيل ڏنو پيو وڃي. اسرائيلي فوج کي تيل سپلائي ڪرڻ غزه ۾ نسل ڪشي ۾ ملوث هجڻ جيان آهي.
ياد رهي ته غزه ۾ 5 مهينن کان جاري جنگ سبب تقريبن 23 لک فلسطينين رفع جي ڪيمپن ۾ پناهه ورتي آهي جتي سندن حياتي خطري کان خالي نه آهي.