ھنڱورجا : شاخن واھن جي کاٽي نه ٿيڻ جي خلاف آبادگارن ۽ ھارين جو احتجاجي مظاھرو
Author
مارچ 17, 2024
تازا ترين, سنڌ
89 Views
ھنڱورجا (رپورٽر) تعلقي سوڀوديرو جي سيال مائينر .بينظير مائينر .مڇر مائينر .سميت مختلف شاخن واھن جي کاٽي نه ٿيڻ جي خلاف آبادگارن ۽ ھارين جو احتجاجي مظاھرو ڌرڻو34 ھين ڏھاڙي به بک ھڙتال جاري تفصيل موجب تعلقي سوڀوديرو جي سيال مائينر بينظير مائينر مڇر مائينر سميت مختلف شاخن ۽ واھن جي ٽن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ جي خلاف آبادگارن ۽ ھارين ڪامريڊ لونگ خان حطار .منير سھتو عجيب جانوري معشوق علي منڱڻيجو جي اڳواڻي ۾ آبادگارن ۽ ھارين سخي ناصر شاھ گيٽ وٽ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو بعد ۾ آبادگارن مطالبن جي مڃتا لاء بک ھڙتالي ڪئمپ جاري رکي وئي احتجاج ڪندڙن الزام لڳايو ته سيال مائينر .بينظير مائينر مڇر مائينر سميت شاخن واھن جي ٽن سالن کان کاٽي نه ٿي سگھي آھي جنھن جي ڪري شاخ مڪمل طور گندگاھ ۽ مٽي سان ڀرجي وئي آھي جنھن سبب پڇڙي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پئدا ٿي وئي آھي ھنن چيو ته34 ڏينھن گزري ويا آھن پر ڪير اسان جي احتجاج جو نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناھي ھنن آبپاشي کاتي جي ڪامورن رڪارڊ ۾ شاخن جي کاٽي ڄاڻائي ڪروڙين روپيه ھڙپ ڪري ويا آھن ھنن مطالبو ڪيو ته شاخن واھن جي کاٽي ڪرائي انصاف ڪيو ويو وڃي