تازا ترين

افغانستان: بس ۽ آئل ٽينڪر وچ ۾ زوردار ٽڪر، 21 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪابل: (م ڊ) افغانستان ۾ بس ۽ ٽينڪر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 21 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب افغانستان جي صوبي هلمند جي ضلعي گريشڪ ۾ بس ۽ آئل ٽينڪر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾  گهٽ ۾ گهٽ 21 ڄڻا فوت ۽ 38 زخمي ٿي پيا. صوبائي اطلاعات کاتي جي سربراهه شير محمد وحدت ٻڌايو ته قنڌار، برات، شاهراهه تي ٿيندڙ حادثي ۾ هڪ موٽر سائيڪل، آئل ٽينڪر ۽ هڪ بس شامل هئي جيڪا گادي واري شهر ڪابل طرف اچي رهي هئي. هن ٻڌايو ته بس جي پهريان موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿي جنهن سبب ڊرائيور ڪنٽرول وڃائي ويٺو ۽ پوءِ بس قنڌار کان برات ويندڙ هڪ آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب ان ۾ باهه لڳي وئي.  صوبائي اطلاعات کاتي سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته آچر جي صبح ٽينڪر، موٽر سائيڪل ۽ مسافر بس جي ٽڪر جي نتيجي ۾ 21 ڄڻا فوت ۽ 38 زخمي ٿي پيا. حادثي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. ياد رهي ته افغانستان ۾ روڊ حادثا عام آهن جنهن جو بنيادي سبب روڊن جي خراب حالت ۽ ڊرائيورن جي لاپرواهي آهي.  

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

شيخ حسينه واجد خلاف هڪ شخص جي قتل جو ٻيو به ڪيس داخل

بنگلاديشي ڪرڪيٽر شڪيب الحسن ۽ اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد خلاف ڍاڪا ۾ مارچ دوران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے