شهر ۾ گندو پاڻي بيھجي وڃڻ خلاف نوشهروفيروز واسين جو احتجاج
Author
مارچ 18, 2024
تازا ترين, سنڌ
145 Views
نوشهرو فيروز (ڊر) ڪاليج روڊ سان گوڏي جيڏو گندو پاڻي بيھجي ويو آهي جنھن سبب شھري سخت پريشان آھن. شھرين پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شھرين مرتضي مشوري، برڪت قاضي، ڌڱاڻو لاشاري ۽ ٻين چيو ته شھر جي ڪاليج روڊ تي گوڏي جيڏو گندو پاڻي بيھي ويو آھي. گندي پاڻي کي بيٺي ٽي سال ٿي ويا آھن. نوشهروفيروز جو ميونسپل عملو صفائي ڪرائڻ لاءِ تيار ناھي. شھري گندي پاڻي سبب پريشان آھيون. ھنن چيو ته گندو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.