تازا ترين

قومي هاڪي ٽيم جي 15، 16 نمبر تي هئڻ باوجود سٺا ڏينهن اچڻ وارا آهن: اولمپيئن سميع الله

ڪراچي (اسپورٽس نيوز ) پاڪستان هاڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اولمپيئن سميع الله جو چوڻ آهي ته تمام جلد هاڪي جا سٺا ڏينهن اچڻ وارا آهن.

پنهنجي هڪ بيان ۾ اڳوڻو ڪپتان چيو ته 2004ع کان پاڪستان هاڪي ۾ ٿيندڙ سياست کان پري آهيان.اولمپيئن سميع الله چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پاڪستان هاڪي تباهي جي ڪنڌي تي آهي.هن چيو ته اسان ٻه ڀيرا ورلڊ ڪپ، ٻه ڀيرا اولمپڪس ۽ ايشين گيمز ۾ ڪواليفاءِ ناهيون ڪري سگهيا.

سميع الله اِهو به چيو ته پاڪستان هاڪي جي رينڪنگ 15، 16 هين نمبر تي آهي جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، پر ان باوجود هاڪي لاءِ سٺا ڏينهن اچڻ وارا آهن.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

سريلنڪن ڪرڪيٽر تي ميچ فڪسنگ جو الزام، آءِ سي سي جو ايڪشن

سريلنڪن اسپنر پراوين جيا وڪرما کان آءِ سي سي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے