لاڙڪاڻو: هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل ڦر، مزاحمت تي نوجوان شديد زخمي
Author
مارچ 18, 2024
تازا ترين, سنڌ
179 Views
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) باقراڻي ٿاڻي جي حد ۾ بد امنيء جي باهه ٻريل، هٿيارن جي زور تي 3 هٿيار بند ڦورو موٽر سائيڪل، موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، مزاحمت تي نوجوان جنيد علي دايو کي شديد زخمي ڪري جوابدار فرار ٿي ويا، ڏوهارين خلاف شهرين جو احتجاج، باقراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ پٺاڻ وٽان 3 هٿياربندن هٿان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل، موبائيل فون، روڪ رقم واپس نه ڪرائڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو. انهيءَ موقعي تي حافظ زاهد علي دايو، رياض علي دايو، ڪاشف علي دايو، نويد علي دايو، تنوير علي دايو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته باقراڻي ٿاڻي جي حد پٺاڻ ڳوٺ جي لنڪ روڊ وٽ ڪينسر ۾ مبتلا، سيلون تي ڪم ڪندڙ نوجوان جنيد علي دايو کي ٽن هٿياربندن هٿيارن جي زور تي يرغمال ڪري موٽر سائيڪل، موبائيل فون، روڪ رقم ڦر ڪري رهيا هئا ته نوجوان مزاحمت ڪئي جنهن تي نوجوان جنيد علي دايو کي شديد زخمي ڪري ڦورو فرار ٿي ويا. جنهن جي باقراڻي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر هڪ هفتي کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود اڃان تائين ڪو به کڙتيل ناهي نڪتو. احتجاج ڪندڙن آء جي سنڌ پوليس، ڊي آء جي لاڙڪاڻو پوليس، ايس ايس پي لاڙڪاڻو پوليس ۽ ايس ايڇ او باقراڻي کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي مذڪوره جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي پنهنجو سامان واپس ڪري ڏنو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ سموري دايا برادري جا ماڻهو وسيع ۽ سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندا.