لاڙڪاڻي ۾ مظاهرين تي پوليس جي لٺبازي خلاف نوشهرو فيروز ۾ احتجاج
Author
مارچ 18, 2024
تازا ترين, سنڌ
140 Views
نوشهرو فيروز (ڊر) نصير آباد ۾ ھدايت لوھر جي قتل ۽ جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندڙن تي لاڙڪاڻي ۾ لٺبازي خلاف احتجاج ڪيو ويو. سول سوسائٽي پاران پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي زينب پيرزادو، خالد راڄپر ۽ ٻين چيو ته استاد ھدايت لوھر جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن. ھنن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ استاد ھدايت لوھر جي قتل خلاف احتجاج ڪندڙ نياڻين سورٺ، سسئي ۽ ٻين تي بي رحماڻو تشدد ڪيو ويو. عورتن ۽ پرامن احتجاج ڪندڙ تي تشدد شرم جوڳو عمل آھي. تشدد ۾ ملوث اھلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.