مهنگائي جو جن بي قابو ، آفيسر ننڊ ستل
Author
مارچ 18, 2024
آرٽيڪل
344 Views
سيد زوار حسين شاهه
ٺيڪ آ مهنگائي اسان جي حڪمرانن سياستدانن جي ننڊ سمهڻ جي ڪري هوندي ، يا پهريان کان ئي آهي پر پوء آفيسر ڪٿي آهن هو ڇا پيا ڪن ، نه بازارن جو رخ نه ڪنهن دڪنادار واپاري سبزي واري کان پڇا ڳڇا ، عام ماڻهون ته سچ پڇو ته اهو پيا چون ته آفيسر به انهن ذخيرا اندوزي ڪندڙ سان گڏ آهن ، تڏهن ته کنڊ اٽو چانور ، داليون گيهه ، آئيل سان گڏ ڪيتريون ئي شيون مهنگيون ٿي ويون آهن ، جڏهن ته ذخيرا اندوزي ڪندڙن کان ڪوئي پڇڻ لاء تيار نه آهي ، انهي سلسلي ۾ سٽي پريس ڪلب راڻيپور انساني حقن جي تنظيمن هيومن رائيٽس واچ پاڪستان اهڙن دڪاندارن سبزي ، فروٽ وڪرو ڪندڙن سان گڏ مڇي ، گوشت جيڪي پنهنجي مرضي سان ريٽ مقرر ڪري عوام يج ابتي کل پر پنهنجي روزيدارن کان ڳري قيمت وصل ڪري وڪرو ڪن ٿا انهن مٿان نظر داري رکندا جنهن تي مان پنهنجي ٽيم تي ناز ڪيان ٿو ، مان سمجهان ٿو ته شيطان کي ته جڪڙيو ويو آهي پر ، مسلمانن ڀائرن هن مهيني ۾ ڪروڙين روپيا ڪمائڻ جو پڪو عهد ڪيو آهي اهڙن واپارين کي شرم اچڻ گهرجي ، مونکي رب پاڪ ۾ يقين آهي ته اهي واپاري رب پاڪ جي خاص عذاب کان بچي نه سگهندا ، مونکي اهو به اڪثر تعجب ٿيندو آهي ته اسان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون ڇا مسلمانن جو اهو ڪم آهي پر اهو به ڪڙو سچ آهي ته غري مسلم مڪمل ريٽ گهٽ ڪري ڇڏينسا آهن ۽ مسلمان مڪمل ريٽ وڌائي ڇڏيندا آهن جڏهن ته خير سان رمضان شريف جي اچڻ ۾ صرف هڪ ڏينهن بچيا آهن ، جڏهن ته دڪاندارن به پنهنجا پيسا سيڙائي اربين روپين جي سامان خريد ڪري اسٽاڪ ڪري رکيو آهي جنهن کان پوء جيئن پهريون روزو شروع ٿيندو شيطان کي رب پاڪ ٻڌندو پر خير سانا هي مسلمان ڀائر جيڪي روزا به رکندا نمازون به ادا ڪندا پنهنجي هٿ جي صفائي ڏيکاريندا ، برحال گذريل سترنهن مهينن کان وٺي ملڪ اندر صورت هال انتهائي خراب آهي ، بدحالي شڪار جو ستائيل عوام به پريشان آهي سڄو ڏينهن روز گار ڪرڻ کان پوء به انهن جي هاڻ پوري نه ٿي ٿئي ، مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن عام ماڻهن وٽ اٽو به نه هجي اجهو به نه هجي ڳڀو به نه هجي ته پوء سينا زوري ٿيندي ، جيهيڙا ٿيندا حالات خراب ٿيندا ، ان لاء مان گزارش ڪندس ته ڀلي جو اليڪشن جي نتيجن کي تبديل ڪري عجيٻ غرين انداز سان حڪومت جڙي وئي آهي جنهن کي ڪاميابي ملي اهي جيل ۾ جن هارايو شڪست ملي انهن کي وڏن وڏن عهدن تي ويهاريو پيو وڃي ، صورت حال ڳنڀير ٿيندي پئي وڃي ، هالات درست ناهين ، هڪ ٻئي خلاف نفرت جو پيغام پهچايون پيا ، تازو اهي خبرون ملي رهيون آهن ته آءِ ايم ايف اداري چونڊيل نئين حڪومت تي تمام زور ڀريو آهي ته هو جي ايس ٽي فيصد وڌائي ۽ خاص طور کاڌ خوراڪ جو شيون مهانگيون ڪري هاڻي خبر نٿي پوي ته ملڪ جا حڪمران آخر آءِ ايم ايف اداري اڳيان ايترا بيوس ۽ لاچار ڇو بڻجي ويا آهن نه ئي اسانجي حڪمرانن کان ملڪي معيشت بهتر ٿي سگهي پئي نه وري آءِ ايم ايف جو قرض لاهي سگهن پيا آخر اهي ڪهڙا معاهدا ڪيل آهن جو انهن کي عوام کان لڪائي حڪمران اهي پورا ڪرڻ چاهين ٿا جنهن جي صورت ۾ حڪمرانن کي قرض ڏيڻ لاءِ آءِ ايم ايف پاران ملڪ اندر نوان ٽيڪس لڳائڻ ۽ وڏي مهانگائي وڌائڻ جو شرط رکيو ويو آهي جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگائي جو نئون طوفان کڙو ٿيڻ وارو آهي ۽ مٿان بابرڪت مهيني جي آمد ٿي رهي آهي جنهن لاءِ غريب عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ 65 ارب مختص ڪيا آهن ته مٿان بجلي صارفين لاءِ نئون ڏمر پيدا ڪندي بجلي في يونٽ 7 رپيا مهانگي ڪري 66 ارب رپيا ڪڍڻَ لاءِ بجلي صارفين تي بار وجهي ڇڏيو آهي ان سان گڏو گڏ کاڌ خوراڪ جون ڪيتريون ئي شيون مهانگيون ٿيڻ واريون خبرون به گردش ڪري رهيون آهن جنهن جو بار به غريب عوام جي ڪلهن تي ڪرڻ وارو آهي هڪ طرف حڪومت ۽ سندن ذميوار اختياريون معيشت جي بهتري جي دعويٰ ڪري رهيون آهن ته ٻئي طرف عام استعمال جي شين جا اگهھ انهيءَ تيزي سان وڌي رهيا آهن جيڪي عوام جي پهچ کان ئي پري ٿي ويا آهن کنڊ، اٽو گيهھ، چانور داليون سبزيون گوشت مڇي جا اگھه منافعي خورن آسمان سان لڳائي ڇڏيا دڪاندار توڙي واپاري ايترا ته بااختيار ٿي چُڪا آھن جو سرڪاري حُڪمن تي سندن ڪنن تي جونء به ڪان ٿي چُري مهانگائي کي قابو ۾ رکڻ ۽ عوامي کي رليف ڏيڻ لاءِ قائم ڪيل يوٽيلٽي اسٽورز کليل مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ هڪ بهتر متبادل آهن پر ٻين سرڪاري ادارن يا کاتن وانگر انهن جي ڪارڪردگي به ڪا اهڙي سٺي ناهي جو انهن مان عوام کي فائدو ملي سگهي جتي به يوٽيلٽي اسٽور کليل هئا انهن کي هڪ سازش تحت يا ته بند ڪيو ويو آهي, اگرچ کليل آھن به ته انهن تي کاڌي پيتي جا اهم ائٽم غير معياري هئڻ سبب غريب عوام ساڳيو مارڪيٽن منجهان شيون مهانگي اگھه تي خريد ڪن ٿا انهيءَ جو هڪ سبب بدانتظامي به آهي ته ٻيو اهو الزام به لڳايو ويندو آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز انتظاميا کليل مارڪيٽن جي واپارين يا دڪاندارن سان ملي ڪري هٿ سان اهي شيون غائب ڪري ڇڏيندي آهي جيئن عوام وري به انهي کليل مارڪيٽن مان خريداري ڪرڻ تي مجبور هجي پهرين ته عوام کي خوف هوندو هو ته مهانگائي صرف تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب اچي ٿي پر هاڻي تيل جي قيمتن ۾ واڌ ٿئي يا نه ٿئي پر مهانگائي جي اگهن ۾ ڪوبه لاٿ اچڻ ناممڪن ٿي ويو آهي هٿ جي مهانگائي غريب عوام کان پيٽ جو گرهه به کسي ڇڏيو آهي ، جڏهن ته هن وقت جمهوريت جا نعرا لڳي رهيا آهن ته عوام جا مسئلا حل ڪنداسين عوام جي لاء بهتري رليف پيڪيج ڏينداسين پر مان نه ٿو سمجهان ٿو چونڊيل نمائيندا عوام سان ڪيل واعده وفا ڪندا ، نه ئي امن امان بهتر ٿيندو ، نه ئي سياستدانن وٽ عوام کي ڏيڻ لاء ڪجهه آهي ، خاص طور غريب وچولو طبقو ، ۽ سرڪاري ملازم پورهيت انتهائي پريشان آهي ، انهن جي گهر جو به چلهو نه پيو ٻري ، اهڙي صورت هال ۾ عوام ڇا ڪندو جيڪڏهن عوام روڊن تي نڪرندو ته به رياست پاڪستان انهن تي ڏمرجي پوندي ، هالات هن وقت به سٺا بهتر نه پيا لڳن ، حڪومت قوت صرف ڪپتان انهن جي ساٿين کي جهڪائڻ لاء فيصلا پئي ڪري ، ڪڙو سچ اهو به آهي ته هن قوت پي ڊي ايم ٽو آهي جنهن يج وس جي ڳالهه نه آهي ته هالات سڌرندا ، حالات خراب ٿيندا ، جڏهن ته رمضان شريف جي پاڪ مهيني ۾ وري مهنگائي جي ڪري عام ماڻهن به ٿي سگهي ٿو روڊن تي نڪري اچن پر ٿيندو ڇا مان سمجهان ٿو ته ڪجههه به نه ٿيندو ، پوء ڀلي احتجاج ٿين ، ڪوڪون ڪن عوام پهريان به سياستدانن جي هٿان شهيد ٿيندو رهيو آهي اداره پهريان به سنڌ جا مڪمل تباهه ٿي چڪا آهن هاڻ به وڌيڪ تباهه ٿيندا صحت امن امان يج صورت هال خراب آهي ، جڏهن ته تعليم جي ادارن م سياسي مداخلت ڪري حالات خراب ڪري تعليم کي تباهه ڪيو پيو وڃي ، جيڪڏهن انهن يت به تبصرا ڪنداسين ته اهي جمهور پسند ناراض ٿيندا ، ، اسان صرف امن چاهيون ٿا اجهو ڳڀو چاهيون ٿا روزگار چاهيون ٿا ، ان لاء ڪنهن نه ڪنهن سياستدان کي ته نوٽيس وٺڻ گهرجي ته رمضان شريف ۾ ته اسان جا مسلمان ڀائر رحم ڪن ، رزائيتن لاء ڪي بهترين پيڪيج متعارف ڪرائين ، جيڪڏهن هن دجالي دور ۾ به مهنگا.ئي جي جن کي بوتل ۾ حڪمران وزير بوتل ۾ واپس نه ڪري سگهيا ته پوء سنڌ پرست جوڌا عوام پرست علي حيدر اڄڻ جي صورت ۾ گهر ڇڏي احتجاج ڪندا ، ان لاء بهتر اهو آهي ته سنڌ پاڪستان جي بقا سالميت لاء اسان توهان سڀنن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ، ان لاء اهڙن دڪاندارن جي نشاندهي ڪئي وڃي جيئن جيڪو دڪاندار پنهنجي مرضي جا اگهه مقرر ڪري ڪا به شئي وڪرو ڪري ان خبر کي رکو تاڪه ڊي سيز ، اي سيز ٻين وس واران تائين پيغام پهچي ، جيڪو في الحال نه ٿو ڏسجي ، مان زاتي طور تي انهن واپارين کي جن هن وقت تائين عوام يج ابتي کل لاهي ارب پتي ٿي ويا جن وٽ ملڪيت ته اربين روپين جي آهي پر ٽيڪس ڪجهه هزارن ۾ ڏين ٿا ، هو رشوت ڏيئي آفيسرن ڪلارڪن جي مدد سان ٽيڪس نه جي برابر جمع ڪرائين ٿا اهڙن واپارين دڪاندارن جي به نشاندهي ڪرڻي پوندي مان گذارش ڪندس ، حڪومت وقت جي وزيراعلي سيد مراد علي شاه ، بين وزيرن ، ڪمشنرس ، ڊي سيز ، اسسٽنٽ ڪمشنرس ، مختيار ڪار اسسٽنٽ مختيار ڪارن کي ته رب پاڪ جيڪا توهان کي ڊيوٽي عطا ڪئي آهي ، ان تي عمل ڪندي روزائتن لاء ڪو ريليف پيدا ڪيو وڃي ، بچت بازارون قائم ڪري عام رويزدارن کي سرڪاري اگهه تي شيون وڪرو ڪن جڏهن ته ِوٽيليٽي اسٽورن تي جيڪا من ماني ٿيندي آهي ان تي به نظر رکي وڃي جي.ئن گهٽ ۾ گهٽ هن دجالي دور ۾ جتي سياستدانن جي عدم دلچسپي ، غلط پاليسن ملڪ کي تباهه ڪيو آهي جو عام ڏينهن ۾ به عام ماڻهون ڪا شيء خريد نه ٿو ڪري سگهي سوال اهو آهي ته رمضان شريف ۾ ڪهڙو رليف وٺي سگهندا پر جيڪڏهن حڪومت وقت اعلان ڪري به ته سوال آهي ته ڇا دڪاندار ان قيمتن تي سيدو سامان کنڊ پتي چانهه کير آئيل گيهه اٽو داليون مڇي گوشت خريد ڪري سگهندا ، برحال رمضان شريف جي پاڪ مهيني ۾ شيطان ته قيد آهي پر هي ڪير آهن جيڪي هٿرادو ذخصرا اندوزي ڪن ٿا قيمتون هٿ سان وڌائي عام غريبن کي ڦرين پيا جيڪي آفيسر آهن جن جي ريٽ لسٽون چيڪ ڪرڻ هڻن ،يا قيمتن تي ڪنٽرو ڪندا آهن ،ا هي به اگهور ننڊ ستل نظر پيا اچن لڳي ائين ٿو ته انهن کي رب پاڪ جي عزاب جي به ڪا خبر نه آهي