ميرپورماٿيلو: اشفاق آرائين جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ شهرين جو احتجاج
Author
مارچ 18, 2024
تازا ترين, سنڌ
139 Views
ميرپورماٿيلو(رپورٽر) ميرپورماٿيلو ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي ، ۽ ماڻھو شهر کان اغوا ٿيڻ لڳا، گذريل رات اغوا ٿيل حسن اشفاق آرائين جي وارثن ۽ شهرين پاران بس اسٽاپ ميرپورماٿيلو وٽ احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو، اسان جي نوجوان حسن اشفاق آرائين شام تائين بازياب ڪرائي ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ اسين نيشنل هاء وي بلاڪ ڪري نوجوان جي بازيابي لاء ڌرڻو هڻنداسون، اڳواڻ تفصيل موجب ميرپورماٿيلو ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي آهي، ۽ ماڻھو شهر کان اغوا ٿيڻ لڳا آهن، ان سلسلي ۾ گذريل رات اغوا ٿيل حسن اشفاق آرائين جي وارثن ۽ شهرين پاران بس اسٽاپ ميرپورماٿيلو وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي نوجوان جي وارثن ۽ شهرين مستري اشفاق آرائين، گل حسن سومرو، مستري اعجاز چنا، طاهر علي ۽ ٻين چيو ته اسان جي نوجوان حسن اشفاق آرائين کي گذريل رات اغوا ڪري ويا آهن، ۽ موٽر سائيل سيدپور بس اسٽاپ ويجهو اڇلائي نوجوان کي اغوا ڪر4ي فرار ٿي ويا آهن، جنهن جو هن مهل تائين ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، هنن چيو ته ايس ايس پي گهوٽڪي روحيل کوسو شام تائين مهلت ورتي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي نوجوان حسن اشفاق آرائين شام تائين بازياب ڪرائي ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ اسين نيشنل هاء وي بلاڪ ڪري نوجوان جي بازيابي لاء ڌرڻو هڻنداسون.