پاڪستان جو ڳجهي اطلاع تي افغانستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن
Author
مارچ 18, 2024
تازا ترين, پاڪستان
115 Views
اسلام آباد: (م ڊ) پاڪستان افغانستان ۾ دهشتگردن جي خلاف فضائي ڪارروائي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ حافظ گل بهادر گروپ ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان کي نشانو بنايو ويو آهي، جڏهن ته افغان زمين تي موجود دهشتگردن جا ٺڪاڻا به تباهه ڪيا ويا آهن. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب ٽي ٽي پي جي دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته پاڪستان افغانستان اندر سرحدي علائقن ۾ انٽيليجنس جي بنياد تي آپريشن شروع ڪيو آهي، ڪارروائي جو حدف حافظ گل بهادر گروپ سان تعلق رکندڙ دهشتگرد آهن.
ترجمان موجب دهشتگرد ٽي ٽي پي سان ملي پاڪستان اندر دهشتگرد حملن جا ذميوار هئا، دهشتگردن جي حملي ۾ ڪيترائي شهري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار فوت ٿيا آهن.
اتر وزيرستان جي علائقي مير علي جي سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي 16 مارچ تي ٿيندڙ حملي ۾ به حافظ گل بهادر گروپ ملوث آهي جنهن ۾ ٻن اعليٰ آفيسرن سميت 7 پاڪستاني فوجي شهيد ٿيا هئا.