ڀرياسٽي: سنڌي ادبي سنڱت پاران ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ خلاف احتجاج
Author
مارچ 18, 2024
تازا ترين, سنڌ
154 Views
ڀرياسٽي (رپورٽر) ڀرياسٽي سنڌي ادبي سنڱت شاخ ڀرياسٽي ۽ ڀرياسٽي پريس ڪلب جي صحافي پاران لاڙڪاڻي ۾ پر امن ريلي سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل اديب شاعر ۔ليکڪ تاج جويو۔ سارنگ جويو سھڻي جويو ۔ ايڊووڪيٽ محب آزاد ۽ ٻين تي لاڙڪاڻي پوليس پاران تشدد ۽ ڪوڙي ايف آء آر داخل ڪرڻ خلاف پريس ڪلب آڏو سخت احتجاجي مظاھرو ۔ ڀرياسٽي سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري راڻاشيرمحمد ۔ راڻاعبدالستار ۔ محمد سومر ڪيريو ۔ عبدالمجيد ڪيريو ۔ ميرمحمد سھتو ۔ ساجدعلي چنا ۔ راڻامشتاق ۔ سراج ميرسھتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاج ڪندي لاڙڪاڻي پوليس پاران ادبي سنڱت جي اڳواڻن پاران ڪڍيل پرامن ريلي جي اڳواڻن مٿان تشدد ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف نعري بازي ڪئي ۔ ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڀرياسٽي جي عھديدارن ۽ صحافين چيو ته پر امن ريلي ۾ سنڌي جي نالي واري اديب تاج جوئي ۽ ٻين اڳواڻن تي تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته فورن تاج جويو ۽ ٻين تان ڪوڙي ايف آء آر ختم ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ سموري سنڌ جا قلم ڌڻي سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي نڪري ايندا.