چڪوال:اينٽي ڪرپشن جنرل(ر) فيض حميد جي ڀاءُ نجف حميد کي گرفتار ڪري ورتو
Author
مارچ 18, 2024
تازا ترين, پاڪستان
173 Views
چڪوال: (م ڊ) اينٽي ڪرپشن چڪوال اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل(ر) فيض حميد جي ڀاءُ اسسٽنٽ مختيارڪار سردار نجف حميد لطيفال کي گرفتار ڪري ورتو.
اسسٽنٽ مختيارڪار سردار نجف حميد لطيفال، اڳوڻو صوبائي وزير حفظ عمار ياسر وغيره جي خلاف اينٽي ڪرپشن ٿاڻي هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي ۾ داخل ڪيس نمبر 23/16 ۾ نامزد هو ۽ هن عبوري ضمانت حاصل ڪري رکي هئي.
اڄ ڪيس جي ٻڌڻي اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن راولپنڊي علي نواز بهکر جي عدالت ۾ ٿي. عدالت طرفان سردار نجف حميد لطيفال جي ضمانت رد ڪئي وئي.
جنهن تي سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن چڪوال ناصر عزيز قيادت جي اڳواڻي ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي چڪوال جي ٽيم سردار نجف حميد لطيفال کي گرفتار ڪري ورتو.
ياد رهي ته 16 فيبروري 2023 تي راولپنڊي جي ڪمشنر نجف حميد کي اسسٽنٽ مختيارڪار جي عهدي تان معطل ڪري ڇڏيو هو ۽ ان جي خلاف جاچ شروع ڪئي وئي هئي.