سڳيون ۾ برسات متاثر گهر جي لاڏاوت لاءِ رقم نه ملڻ خلاف احتجاج
Author
مارچ 20, 2024
تازا ترين, سنڌ
188 Views
سڳيون سڳيون (رپورٽ اسدالله چنا ) ۾ برسات متاثرن جي گهر سروي مطابق اڏاوت جي رقم نه ملڻ خلاف جيئي سنڌ پورهيت سنگت جي اڳواڻن ڪامريڊ عاشق علي چنو ،غلام قادر چنو ،رياض متو ،نظر محمد دايو ۽ٻين جي اڳواڻيءَ هيٺ سيال اسٽاپ سڳيون تي اڄ ٻئي ڏينهن بہ احتجاجي مظاهرو سخت نعريبازي ان موقعي تي جيئي سنڌ پورهيت سنگت جي اڳواڻن ڪامريڊ عاشق علي چنو ،غلام قادر چنو ،رياض متو، نظر محمد دايو، نياز منڱڻيجو ،وصي حسين منڱڻيجو اسحاق دايو ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو تہ سال 2022 ۾ پيل قيامت خيز برساتن سبب بي گهر ٿيل ماڻهن جي ٻن گذرڻ باوجود ڪاب واهر نہ ٿي سگهي آهي حڪومت جي ٿيل سروي مطابق گهرن جي اڏاوت لاءِ آيل رقم بہ سماجي تنظيم سرسو اين جي اوز پاران بينڪ انتظاميا سان ملي ڀڳت ڪري برسات متاثرن کي رقم ڏيڻ بدران ويتر مختلف بهانا ڄاڻائي دربدر ڪيو پيو وڃي اسان جي ايريا ۾ مقرر ڪيل انجنيئر محمد بخش ورياھ من پسند ماڻهن جا نالا ظاهر ڪري کين اڏاوت جون قسطون جاري ڪرائي رهيو آهي غريب عوام کليل آسمان هيٺ ويٺل آهي پر جيڪڏهن ڪو غريب پنهنجو مال متاع کپائي، قرض کڻي يا قسط جي آسري پنهنجو گهر ٺهرائي ٿو تہ ان ۾ به محمد بخش ورياھ اعتراض واري ڪم رجيڪٽ ڪري ڇڏي ٿو جنهن سبب رقم نه ٿي ڏني وڃي هنن وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ ۽ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ فوري طور نوٽيس وٺي گهرن جي اڏاوت جي رقم جاري ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو