تازا ترين

نوجوان آفيسر عوام جي بقا سالميت جا ضامن

 زوار حسين شاه

 جيڪڏهن سنڌ ۾ انهن نوجوانن آفيسرن جي ڳالهه ڪيون جن جي پوسٽنه اهڙن ضلعن  تعلقن اندر ٿي آهي جتي ڪو وڃڻ لاء تيار ئي نه هجي ، مان انهن آفيسرن کي سلام پيش ڪيان ٿو ائين کي سکر کان بدلي ٿي ضلعي خيرپور اندر ايس ايس پي  زبير نظير شيخ  جنهن چارج سنڀاليندي ئي بهترين حڪمت عملي جوڙي سڀ کان پهريان منشايت جي خاتمي ، سميت ثير قانوني هٿيار رکندڙن خلاف فيصلا ڪن هدايتون جاري ڪيون آهن جنهن کان پوء ڪيتريون ئي گرفتاريون به ٿيون آهن ته پوليس آفيسر هٿيار به هٿ ڪيا ته منشيات فروش به سوگها ڪيا آهن جنهن تي ناز فخر ڪري سگهجي ٿو ، مان گذارش ڪيان ته ضلع خيرپور سياسي لحاظ کان اڪفي وڏي اهميت رکي ٿو ، جيڪي هن ضلعي ۾ خاندان رهن ٿا انهن جو   سنڌ حڪومت يا وفاق ۾ سياسي پارٽين سان  بهترين تعلقات آهن ۽ شناسائي رکن ٿا ، مان عرض ڪندس ته نوجوان آفيسر  ايس ايس پي زبير نظير شيخ عوام پرست غريبن جو ساٿي ۽ ڏوهارين خلاف ڀرپور مزاحمت ڪندڙ شخصيت آهي ، جنهن پنهنجا ڪمالات ڏيکارڻ شروع ڪيا آهن ، پر مان هڪ رهنمائي ڪندس ته ضلعي خيرپور ۾ ماضي ۾ ڇا ٿيو ڪجهه احوال ڏيندس پر هاڻ جهڙي ريت ايس ايس پي خيرپور زبير نظير شيخ  حڪمت عملي جوڙين پيا اها جڪنهن کان لڪيل نه آهي ، اميد به رکون ٿا ته انشاء الله بهترين ڪاميابيون ماڻيندا ، پرجيڪڏهن پاڪستان سميت خاص سنڌ صوبي جي ڳالهه ڪنداسين ته ڪافي سوال جنم وٺندا ، جڏهن ته سياستدانن يا هڪمرانن جي عدم دلچسپي جي ڪري  عام ماڻهن جا بنيادي مسئلا به حل ٿي ناهين سگهيا ، نه ئي امن امان جي  صورت حال ڪا خاص بهتر رهي آهي پر پوء به عرض ڪندس ته سنڌ ۾ ڪيترائي  بهترين آفيسر آهن جن سدائين سڀ کان پهريان انسان ذات جي تڪليفن ڏکن کي اهميت ڏيندي بهترين انداز سان ڊيوٽيون ڪيون ۽ پنهنجو فرض نڀايو آهي ، پر سنڌ جي ٻين ضلعن مان  ضلع خيرپور جي صورت حال مختلف آهي ، ان جا خاص سبب اهي به آهن ته سياسي بنياد تي نظر وجهنداسين ته  جيلاني خاندان ، خيرپور راڻيپور ، وساڻ خاندان ،  راڄپر ، ٻانڀڻ ، به هڪ قوت طور سڄاتا ويندا آهن جن جو براء راست  پاڪستان پيپلزپارٽي سان تعلق هوندو آهي ، جڏهن ته پير سيد صبغت الله شاه راشدي پير پاڳارا سائين جن جو تعلق به پير ڳوٺ خيرپور سان آهي جيڪي به هڪ طاقت آهن جڏهن ته  جيڪي پنهنجي مفاهمت بعد آفيسرن جي خيرپور اندر مقرري ڪرائيندا آهن ، پوء سوال اهو جنم پيو وٺي ته جنهن آفيسر کي پنهنجي مرضي سان جيلاني يا وساڻ خاندان مقرر ڪرائي پوء  ان آفيسر مٿان اهو ڄڻ فرض ٿي ويندو ته انهن جو احترام به ڪري جيئن چون تئين به ڪري ،  اهو ئي سبب آهي جو ضلع خيرپور جي خاص  امن امان جي  لحاظ سان صورت حال خراب رهي آهي ، مان گذارش ڪندس ته سماجي برائين  جو سري عام هلڻ  ، ان سان گڏ منشيات جو وڪرو به سري عام ٿيڻ ، وياجين جو آزار به اسان جي اڳيان آهي ، جڏهن ته صرف چند سالن جي ڳالهه ڪيان ته بهترين آفيسر ضلعي خيرپور تي رهيا آهن ، جنهن ۾ نوجوان آفيسر  عمران نيازي ، محمد طفيل ، ظفر اقبال ملڪ ، روحيل خان کوسو ، ان کان بعد بهترين آفيسر ڊاڪٽر سميع الله سومرو جن  به بهترين انداز سان ڪم ڪيو  ڪيترائي فل فرائي ڪيترائي ڏوهاري ناليوارا مجرم هاف فرائي سخت پوليس مقابلا ٿيا ، پر هاڻ هڪ نوجوان بهترين انسان فرض شناس آفيسر ايس ايس پي خيرپور زبيرنظير احمد شيخ کي مقرر ڪيو ويو جنهن چارج به وٺي ڇڏي حڪمت عملي به تيار وٺ پڪڙ به ٿي رهي آهي ڪيترائي اهم فيصلا پڻ ٿيندا  جن لاء به اڪفي چيئليجز آهن جن کي منهن ڏيڻو پوندو ، امن امان جي صورت حال سڀ کان پهرئين اولين ترجيحات ۾ شامل هوندو جنهن بعد منشيات سماجي برا.ئين جي خاتمي لاء پڻ اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ، جڏهن ته ضلعي خيرپور جي ٻين شهرن سان گڏ راڻيپور ۾ ڏوهارين جو راج رهيو آهي ڪڙو سچ اهو آهي ته شهري واپاري  سماجي اڳواڻن سان گڏ قلمڪارن کي به انهن چورن ڦورن نه بخشيو ، جنهن تي به ايس ايس پي خيرپور نوجوان فرض شناس ايماندار آفيسر زبير  نظير احمد شيخ کي راڻيپور پسگردائي جي ڳوٺن  تي خاص نظر رکڻي پوندي ، گذريل ڪيتري ئي عرصي کان وٺي راڻيپور جا شهري واپاري سماج سڌارڪ پر قلم ڪار به وڏي امتحان ۾ آهن ، سچ لکڻ جي پاداش ۾ هو پوليس جي آفيسر يا اهلڪارن جي چوڻ تي صحافين کي به نشانو بڻايو آهي جنهن جي اسان مذمت به ڪيون ٿا ۽ سائين جن کي راڻيپور ان جي پسگردائي تي ڪڙي نظر رکڻي پوندي ، مان ته عرض ڪندس ته راڻيپور جو عوام سماجي تنظيمون چاهين ٿيون مطالبو ڪن ٿيون ته ڪو  بهترين آفيسر راڻيپور ٿاڻي تي مقرر ڪيو وڃي جيئن بي چيني ختم ٿي وڃي شهري سک جو ساهه پٽين ،   پاڪستان سميت سنڌ جي ناليواري واري سماجي تنظيم هيومن رائيٽس واچ پاڪستان شهاب فائونڊيشن سنڌ  هيومن رائيٽس لا ڪائونسل سنڌ جڏھن ته ڪاروباري ماڻهن سماج سڌارڪن قلمڪارن  شهرين ضلعي خيرپور تي نئين مقرر ٿيل ايس ايس پي خيرپور زبير نظير احمد شيخ کي ڀليڪار ڪيو آهي , جڏھن ته مختلف سماجي اڳواڻن واپارين , مختلف پريس ڪلبن جي صدر انهن جي سٿ پاران چيو ويو آهي ته هر آفيسر اها ڪوشش ڪندو آهي ته امن امان جي صورت حال بهتر قائم ڪيان عام ماڻهن سميت هر طبقي جي ماڻهن جي جان مال جي حفآظت يقيني بڻايان جنهن ۾ هو ڪڏھن ڪامياب ڪڏھن ناڪام پڻ ٿيندا آهن , جڏھن ته ڪجھ ٻين شهرن جيان راڻي پور ۾ غير يقيني صورت حال آهي ڪجھ عرصي ۾ 50جي لڳ ڀڳ موٽرسائيڪليون موبائل فونون چوري ۽ ڪيترائي ڦر جا واقعه ٿيا , پر عام ماڻهن کي راڻيپور ايس ايڇ او پوليس اهلڪارن مايوس ڪيو جتي واپاري شهري سماجي اڳواڻ پر قلمڪار به غيرمحفوظ رهيا ,   , هنن وڌيڪ چيو ته فرض شناس ايماندار خدا پرست آفيسر ئي امن بحال ڪرائڻ سان گڏ عام ماڻهن کي تحفظ مهيا  ڪري سگهي ٿو , هنن وڌيڪ چيو ته اسان کي رب پاڪ کان بعد توهان ۾ اميد آهي ته ضلعي خيرپور اندر سو فيصد امن امان بهتر ٿيندو ۽ تحفظ به مهيا ڪيو ويندو , پر اهو تڏھن ممڪن آهي جڏھن عام ماڻهن واپارين قلمڪارن شهرين سماجي ڪارڪنن سان گڏجاڻيون ڪيون وينديون ۽ راڻيپور ٿاڻي تي بهترين فرض شناس آفيسر مقرر ڪندا , ۽ شهرين کي اعتماد ۾ وٺي يقين ڏياريو وڃي ته توهان بي خوف رهو امن بحال ڪرائڻ سان گڏ توهانکي  تحفظ مهيا ڪيو ويندو , جڏھن ته هيومن رائيٽس واچ پاڪستان جو وفد فقيرمحمد عباسي ايڊوڪيٽ وقار احمد جٽ آصف ڦلپوٽو بشارت رسول سهرياڻي غلام اڪبر ,  سٽي پريس ڪلب رانيپور جي صدر سيد زوار شاه سينئر صحافي شمائلا منگي  اسد وساڻ شير محمد سولنگي , عارف علي ڀيلار  نجيب علي جوڻو شفقت وساڻ , شاهنواز علي جاويد ملاح جنيد ميمڻ مقصود احمد شاهاڻي مهتاب هيسباڻي عوامي پريس ڪلب ڪنب صدر ناز سولنگي وحيد وساڻ سيد محسن شاه , صوفي درشن مجاهد حسين رجب ملاح شاهد منگي ۽ ٻيا جلد ملاقات ڪري سماجي برائين وياجين جي آزار منشيات جي وڪري آڪڙا پرچي امن امان جي صورتحال مفصل آگاهي ڏيندا جيئن سماجي برائين منشيات جي وڪري کي روڪي سگهجي .  هيومن رائيٽس واچ پاڪستان شهاب فائونڊيشن سنڌ جي چيئرپرسن ميڊم صنم راڄپر ، سنڌ جي ناليواري سماجي رهنما عورتن لاء سدائين پاڻ پتوڙيندڙ سينئر صحافي شمائلا منگي ، سماج سڌارڪ بشارت رسول سهرياڻي سميت ٻين پڻ مقرر ٿيڻ تي مبارڪ باد پيش ڪئي ۽ چيو ته اسان امن امان جي صورت حال بهتر ڏسڻ چاهيون ٿا  انهن چيو ته رب پاڪ ۾ اميد آهي ته توهان ضلعي خيرپور جي عوام لاء رب پاڪ پاران خاص تحفو ثابت ٿيندا ،   راڻيپور ۾ منشيات جو سري عام هلڻ ، سماجي برائين جي اڏن ۾  ڪيترو ئي اضافو ٿي رهيو آهي ، جڏهن ته باّبر ذريعن جي خبر موجب منشيات خاص ڪرسٽل آئيس ، شراب ، چرس آفيم سوين  نوجوان نشئي ڪري ڇڏيا آهن جنهن کان پوء هاڻ اهي  نوجوان پڙهاڪو ٻچڙا اسڪولن جو رخ نه ٿا ڪن پر منشيات سميت سماجي برائين جي اڏن ڏانهن رخ ڪن ٿا جنهن سان اسان جو نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي راڻيپور سميت ٻين ٿاڻن تي به نظر رکندا پر اسان گزارش ڪيون ٿا ته توهان راڻيپور جي شهرين جو آواز ٻڌي ڪالم پڙهي نوٽيس وٺندي في الفور راڻيپور ٿاڻي اچي شهرين سان گڏجاڻي ڪندا انهن جي درد ڪٿا تڪليفون پاڻ ٻڌندا  ، ٿوري عرصي ۾ پنجاهه کان مٿي موٽر سائيڪليون موبائل فونو ڇوري به ٿيون ته ڦريون به ويون جڏهن ته ڏينهن ڏٺي جو  وارداتون ٿين پيون ، شهري غير محفوظ آهن ،   نئين ايس ايس پي خيرپور زبير نظير احمد شيخ جي مقرر ٿيڻ بعد خوشي محسوس ڪيون ٿا  ضلعي خيرپور ۾ سمجهون ٿا ته تاريخي  امن امان  بهتر ٿيندو ، سماجي برائين منشيات ڀتا خوري ، جو خاتمو ٿيندو  پر ڪارين رڌين تي به نظر وجهڻي پوندي ، توهان جو پنهنجي نوڪري ۾  آفيسر طور بهترين تجربو آهي بهترين انداز سان  ڊيوٽيون سرانجام ڏنيون آهن ، هاڻ به ڀلائي جي اميد رکون ٿا ، جڏهن ته توهان جو جلد ديدار شرف به حاصل ڪنداسين  اميد ته  شهرين کي مايوس نه ڪندا ، راڻيپور جي شهرين جو مطالبو اهم آهي ان تي به آئيني قانوني عمل ڪندا ، سفارش  سياست کان پري رهندي عوام جي خدمت کي يقيني بڻائيندا ، برحال رب پاڪ آل محمد جي صدقي توهان کي هر مشڪل گهڙي ۾ مدد مهيا ڪندا رب پاڪ سرخرو ڪندو ، توهان تي عوام ناز ڪندو ، جڏهن ته شهري صرف امن امان جي صورت حال بهتر ڪرڻ لاء درخواست ڪن ٿا ، جڏهن ته عام ماڻهون پنهنجي جان مال جي حفاظت چاهين ٿا جڏهن ته  ڪيترائي آفيسر پنهنجي ڊيوٽي فرض شناسائي سان ڪن پيا دعا ڪنداسين ته رب پاڪ اهڙن آفيسرن کي اڃان وڌيڪ همٿ جرئت عطا فرمائي ، عوام سان ٿيندڙ ذيادتين تي نظر وجهي حل ڪن جنهن بعد عوام جي دلين تي ايس ايس پي خيرپور  نوجوان فرض شناس آفيسر دلين تي حڪومت ڪري سگهي ٿو ، جڏهن ته اي ايس پي حسين وارث مان به اميد رکي سگهون ٿا نوجوان اسان جي سنڌ جي بقا سالميت لاء ضامن سمجهون ٿا       

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

افلاطون جو ڪميونزم  وارو نظريو 

طفيل مگسي افلاطون جو ڪميونزم وارو نظريو اصل ۾ صرف سرپرست ۽ حڪمران طبقي تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے