ادارو
پاڪستان سڄو هاڻي قرض تي هلي رهيو آهي ان جا پنهنجا سمور وسيلا جواب ڏئي ويٺا آهن جي وسيلا آهن ته بس عوام ئي آهي جنهن تي ٽيڪسز جو بار وڌائي ملڪ جو باقي وهنوار جڳاڙ تي هلايو پيو وڃي ڪجهه هفتا اڳ ملڪ جي وزير اعظم ان جي تصديق پڻ ڪئي هئي ته هاڻي بار عوام تي ئي هوندو،ملڪ جو وزير اعظم فرمائي رهيو آهي ته پاڪستان کي خوشحالي طرف وٺي وڃڻ چاهيون ٿا، پر لڳي ائين رهيو آهي ڄڻ ته عوام رنڊڪ بڻجي سامهون بيٺل آهي ته ملڪ خوشحاليءَ ڏانهن نه وڃي، هڪ هڪ ماڻهو جي سيڪيورٽي لاءِ ڏهه ڏهه پوليس جا جوان مقرر ڪيل آهن جنهن ڪارڻ بجيٽ جو وڌيڪ زيان ٿيڻ ڪارڻ ملڪ خوشحالي کان گهڻو پري ٿي چڪو آهي ۽ عوام ئي ان سموري معاملي ۾ رنڊڪل بڻيل آهي، خير حڪمران ڪهڙي خوشحالي ٿا چاهين اها ڳالهه سڀ کي خبر آهي ته خوشحال ڪير ۽ ڪئين ٿيندو، مٿان وري هڪ ٻي ڳري خبر عوام کي اهڙي خوشخبري جي حساب ڪتاب سان ٻڌائي وڃي پئي ڄڻ ته بس هاڻي اهو احسان به عوام تي ٿيڻ وارو آهي، هي جڏهن به آءِ ايم ايف کان قرض پننداآهن تڏهن اهو بانور ڪرائينداآهن ته اهو قرض هن ملڪ ۽ عوام کي هلائڻ لاءِکنيو پيو وڃي، ائين ئي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي وڏي پروگرام ۾ شامل ٿيڻ وڃي رهيا آهن.هاڻي ٻڌايو ته هي وڏو پروراگرام ڪهڙو هوندو، وفاقي وزير ڇا ان وڏي پروگرام مان ورتل پئسن مان عوام کي برطانيا ، دبئي ۽ وڏن ملڪن جا دورا ڪرائيندو يا کين بحريا ٽائون ۾ گهر وٺي ڏيندو؟ آءِ ايم ايف کان ته جيڪو به پروگرام ورتو ويندو آهي ان جي مد ۾ گئس ۽ بجلي جا اگهه ٻيڻا ٽيڻا ٿي وينداآهن پر هي وڏو پروگرام وٺي ماڻهن تي احسان ڪري رهيا آهن. محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته 14 ۽ 15 اپريل تي ورلڊ بئنڪ، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ٿينديون، واشنگٽن ۾ جلد آءِ ايم ايف اختيارين سان ملاقات ٿيندي.سندس چوڻ هو ته بهتر معاشي پاليسين سبب جلد معيشيت مستحڪم ٿيندي، نگران حڪومت معيشيت جي بهتري لاءِ بهتر قدم کنيا.ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف جي وڏي پروگرام ۾ شامل ٿيڻ وڃي رهيا آهيون، آءِ ايم ايف سان مائيڪرو اڪنامڪ اسٽيبلٽي کي جاري رکيو ويندو، آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو معاشي استحڪام لاءِ اهميت رکي ٿو.هن چيو ته معاملا ڏسي ڪري لڳي رهيو آهي ته اسٽاڪ مارڪيٽ صحيح رخ ۾ وڃي رهي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته زرعي شعبي ۾ 5 سيڪڙو جي گروٿ آهي، چانور ۽ ڪڻڪ جي بهتر پيداوار ٿي آهي، ايف بي آر ۾ سڌارن لاءِ تيزي سان ڪم ڪيو پيو وڃي، ايف بي آر ۾ ٽيڪس ليڪجز کي روڪڻو آهي، هڪ کرب، 7 ارب اوڳاڙي جا ڪيس رولڙي جو شڪار آهن،
هي حڪمران سولي ٻوليءَ ۾ سمجهائن ته آءِ ايم ايف جي ڪهڙي پروگرام سان هن ملڪ ترقي ڪئي آهي؟ ڪو اهڙو پروگرام ٻڌايو وڃي يا دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ جو حوالو ڏنو وڃي جنهن آءِ ايم ايف جي قرض مان ڪا ترقي ڪئي هجي تڏهن به اهو بانور ڪري سگهجي ٿو ته هائو هي سچ ٿا چون،گذريل 76 ورهين جي عرصي دوران جيڪي هي قرض ۽ خيراتون وٺي رهيا آهن انهن جو ڪهڙو فائدو پيو آهي، هڪ ئي فائدو پيو آهي ته هنن جي حڪمراني جو مدو سولائي سان نڪري ويندو آهي ۽ پوءِ گئس بجلي جا اگهه وڌائي عوام تي اهو بار اڇلائي پاڻ اهو ٿا رفو چڪر ٿي وڃن پرڏيهه ، هن وقت به عوام کي قرضي ڪرڻ جو مڪمل انتظام ڪيو ويو آهي جنهن کي آءِ ايم ايف جو وڏو پروگرام چئي رهيا آهن ، پر عوام کي اهو پروگرام نٿو کپي عوام بک تي ڀلو آهي، پر ڏسجي ته اصل بک حڪمرانن کي آهي جيڪا ڪڏهن به ختم ناهي ٿيڻي