دادو ۾ پپري روڊ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مرڻينگ
Author
اپریل 8, 2024
تازا ترين, سنڌ
120 Views
دادو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد پپري روڊ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مرڻينگ، زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو ، ڊيوٽي ڊاڪٽر پاران کيس طبي امداد ڏني وئي زخمي جي سڃاڻپ آرمي اهلڪار ڌڻي بخش ولد غلام شبير پنهور طور ٿي آھي زخمي نوجوان جي وارثن جو چوڻ آھي ته پنهنجي معصوم ٻارن سان گڏ اچي رهيو هيو ته جوابدار يامين ڪابورو ۽ صدام ڪابورو گوليون هڻي نوجوان کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آھي، ڊيوٽي ڊاڪٽر پاران 6 گوليون لڳڻ جي تصديق ڪئي وئي ، طبي امداد بعد زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ ريفر ڪيو ويو آھي بي سيڪشن پوليس ٻڌايو ته جاچ ڪري رهيا آھيون ، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري قانوني ڪارروائي ڪري متاثر زخمي سان انصاف ڪيو ويندو