تازا ترين

شبانه رضا جي بالي ووڊ فلمن ۾ واپسي

بالي ووڊ جي مشهور اداڪار منوج باجپائي پنهنجي زال  اڳوڻي اداڪارا ۽ هدايتڪارا شبانه رضا جي بالي ووڊ ۾ واپسي جو اشارو ڏنو آهي.

منوج باجپائي هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته هو پنهنجي زال سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ ڏاڍوخوش آهي، شبانه رضا اڄ ڪلهه آفي ٿيندڙ مختلف اسڪرپٽس جو جائزو وٺي رهي آهي.

اداڪار منوج باجپائي اڄ ڪلهه پنهنجي ايندڙ فلم ”سائلنس 2: دي نائيٽ آئول بار شوٽ آئوٽ“ جي پروموشن ۾ مصروف آهي. پنهنجي ڪرائيم ٿرلر فلم ريليز ٿيڻ جي رڳو ڪجهه ڏينهن  اڳ اداڪار پنهنجي زال شبانه رضا جي واپسي تي به ڳالهايو آهي. هن چيو ته هو جلد کان جلد پنهنجي زلا سان اسڪرين ونڊن لاءِ پرجوش آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هو پنهنجي زال سان گڏ ڪم ڪرڻ پسند ٿو ڪري پر شرط اها آهي ته اسڪرپٽ ڪير ٻيو لکي، کيس پروڊيوس ڪرڻ جي ضرورت نه ٿيئ، جيترو هو سندس زال کي سڃاڻي ٿو هو پروقار اداڪارا آهي ۽ ڪردار سان ڪو به سمجهوتو نه ڪندي.

هن چيو ته شبانه اڄ ڪلهه اسڪرپٽس جو جائزور وٺي رهي آهي، جڏهن ته کيس ڪو اسڪرپٽ پسند آيو ته هو ان تي ڪم شروع ڪري ڇڏيندي.

اداڪار ٻڌايو ته شبانه رضا کي اج    ي ديوگن جي فلم ”هوگي پيار ڪي جيت“، ريتڪ روشن جي فلم ”فضا“ قريب، راهول، آتما ۽ ايسڊ فيڪٽري جهڙين فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ سڃاتو ويندو آهي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

تاپسي ۽ وڪرانت جي ” ڦر آئي حسين دلربا“ نيٽ فلڪس تي رليز

بالي ووڊ اداڪارا تاپسي پنو ۽ وڪرانت ميسي جي نئين فلم ” ڦر آئي حسين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے