تازا ترين

عامر جي ٽيم ۾ واپسي ٻين فاسٽ بالرن لاءِ خطري جي گهنٽي قرار

اڳوڻي فاسٽ بالر محمد آصف چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ عامر جي واپسي سان ٽن فاسٽ بالرن لاءِ خطري جي گهنٽي وڄي چڪي آهي.

محمد آصف موجب آمريڪا جي هر رياست ۾ موسم بلڪل تبديل ٿي ويندي آهي، اتي پاڪستان ٽيم هڪ ميچ ۾ ٽن فاسٽ بالرن سان ميدان ۾ لهي سگهي ٿي، جنهن جو ان کي فائدو ٿيندو.

هن چيو ته پاڪستان ٽيم ۾ ٻه فاسٽ بالر اهڙا آهن، جيڪي ورلڊ ڪپ دوران پليئنگ اليون جو حصو هوندا، محمد عامر ۽ نسيم شاهه مستقل طور ٽيم جو حصو آهن.

هن چيو ته شاهين آفريدي کان ڪپتاني واپس وٺڻ کانپوءِ معاملا صحيح نه پيا هلن، جڏهن ته ان جي فارم به متاثر ڪندڙ ناهي، ٿي سگهي ٿو ته کيس سائيڊ لائن ڪيو وڃي، ٽئين فاسٽ بالر لاءِ شاهين، حارث رئوف ۽ محمد وسيم جونيئر ۾ مقابلو هوندو.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

سريلنڪن ڪرڪيٽر تي ميچ فڪسنگ جو الزام، آءِ سي سي جو ايڪشن

سريلنڪن اسپنر پراوين جيا وڪرما کان آءِ سي سي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے