تازا ترين

ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي به دارالبقا ڏي روانو

 اعظم ڀٽي

 سنڌي ٻولي جو ناليوارو اديب, دانشور, محقق, شاهه لطيف ۽ ان جي شاعري جو عاشق ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي به دارالبقا ڏي روانو ٿي ويو. هۡو انتهائي قابل احترام ۽ شفيق استاد هو, جنهن جي شفقت, پيار ۽ محبت اسان لاء هميشه هڪ وڏي ڏڍ ۽ حوصلي مثل هوندي هئي, ھۡو پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر هو. "شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد جو ڪردار” جي موضوع تي هۡن ڊاڪٽوريٽ جي سنّد حاصل ڪئي هئي, سنڌي ٻولي, علم, ادب ۽ ثقافت سان سندس بي پناهه پيار اسان لاء اتهاسڪ اۡتساهه جو سبب بڻيل رهيو, ساڻس سلهاڙي يادگيرين جا ڪيترائي تاڪيا آهن, جن کي اڳي کولڻ سان ڏڍ ۽ حوصلو ملندو هو, هاڻ هۡن جي نه هۡجڻ وارو احساس هڪ ڪربناڪ صدمو آه., تاريخ جي گهٽين ۾ گهۡمائڻ وارو سندس منفرد انداز, هڪ قابل ۽ فخرمند استاد جو عڪاس هو.  سندس ادبي خدمتن جو طويل باب ڪڏهن به وسرڻ جهڙو ناهي, هۡو تاريخ تي دسترس به ڪجهه سرس رکندڙ هو, اظهار جي آزاديءّ جي حوالي سندس اختلاف راء رکڻ وارو لاڙو روايتي انداز کان منفرد هو, پيرسنيءّ ۾ به سنڌي ٻولي, علم, ادب ۽ ثقافت جي خدمت وارو جۡنون سندس جذبن جي جوانيءّ جو ساکي بڻيل رهيو. هۡو شاهه عبدالڪريم بۡلڙي واري جي نگريءّ جو اهو فقيري مزاج رکندڙ مهمان نواز ۽ مهندار شخص هو, جنهن پنهنجي مهمان خاني تي سنڌي ادب جي تمام وڏن وڏن نالن وارن وجودن جا هٿ ڌۡوئاريا. يادگيرين جي ان تاڃي پيٽي جي ور ور جو واس اڄ به ذهن ۾ تازي گلاب جيان مهڪندڙ آهي. عۡمر جي فرق جي باوجود اسانجي رفاقتن کي ڪڏهن ڪو گرهڻ نه لڳو. پاڻ هميشه وڏا وڙ ڪري شاهه ڪريم جي نگريءّ کان نڪري, اجرڪ جي ڦۡلڙين جيان اچي سۡونهن ارپيندو هو, محبتون ونڊيندو هو, ان پنڌ جو وڏو سبب اسانجي گڏيل خوشيءّ واري علمي ۽ ادبي واٽ هئي. هۡن جي حوصلا افزائيءّ جا جوهر, ٽهيءّ جي فرق کي مٽائي ڇڏيندا هئا. هي فقير منش شخص پنهنجي مزاج ۾ جيتري سادگيءّ رکندڙ هو, ان کان وڌيڪ هۡو نئين ٽهيءّ جي لاء فڪرمند هوندو هو, سندس سوچڻ ۽ لوچڻ جا اولڙا توڙي جو روايتي رنگن کان مختلف هوندا هئا پر هۡن کي نئين ٽهيءّ مان تمام گهڻيون اميدون وابسته رهيون, شايد اسان جهڙن جيتامڙن ڏانهن  سندس پنڌ به ان تسلسل جي ڪڙيءّ جيان لڳندا هئا جنهن ڪڙيءّ سان مستقبل جون انيڪ اميدون وابسته هيون. هۡن سان چند لمحن جي ويهڪ  به ٻولي, علم, ادب, ثقافت, موسيقي, تاريخ, لطيفيات سميت لوڪ ادب بابت ڄاڻ جا ڪيئي گۡل پسائيندي هئي.  جن جي مهڪ من ۾ ائين واسو ڪري ويهي رهندو هو, ڄڻ ته اسان هڪڙي ٽهيءّ جا مسافر هۡجون, جنهن جو رستو يا دڳ هڪجهڙائي جو هيجان هجي. مونکي هۡو موهن جي دڙي جي مٽيءّ جو اهڙو دراوڙ محسوس ٿيندو هو, جيڪو تاريخ جي سفر ۾ اڻانگي پنڌ جا پيچرا لتاڙي اچي شاهه ڪريم جي نگريءّ ۾ ٿانيڪو ٿيو هو, جتان هۡن رڳو امن, پيار, محبت ۽ خدمت جا جوهر ڏيکاريا. هۡن جي يادن جي تاريخ ۾ مثبت ۽ منفي قسم جا اڻ ڳڻيا داستان محفوظ ٿيل هئا, جيڪي اگر سندس آٿم ڪٿا ۾ عيان ٿين ها ته حيرت جو هڪ نئون جهان جوڙي وجهن ها, شخصن کان وٺي ادارن تائين هۡن جي من جي اوطاق ۾ ڪيئي قصا ۽ ڪهاڻيون ميزبان جو رۡوپ ۾ توڙي مهمان جي حيثيت ۾ ائين محفوظ هيون جيئن ڄڻ ته هۡن جي حافظي جي تازگيءّ جو چٽو ثبوت هجن. شاهه ڪريم, ٽنڊو محمد خان توڙي لاڙ پٽ يا سموري سنڌ جي تاريخ سندس سيني ۾ هڪ طويل دستاويز جيان محفوظ هئي. سندس باري ۾  عام خيال اهو هو ته معلومات جي ونڊ ۾ هۡو ڏاڍو محتاط هو پر جڏهن آمهون سامهون خيالن جي کوجنا وارا آثار ظاهر ٿيندا هئا ته هۡو ڏاڍي بيباڪ انداز ۾ روانيءّ سان, تسلسل سان تاريخ جا تاڪيا کولي ويهي رهندو هو. سندس تنقيد ۽ اصلاح جا زاويا به انفراديت جا حامل هئا, هۡو هر ان قابليت جو قائل هو جيڪا شعور ۽ لاشعور سان گڏ گڏ سفر ڪري, پر ان لاء هۡن وٽ سنّد ۽ تصديق جي وڏي اهميت هوندي هئي. سندس وجود هميشه کانئس جونيئر ٽهيءّ لاء نيڪ تمنائن جا گۡل ورهائيندو رهندو هو. جن نيڪ تمنائن لاء  هۡن وٽ فرضن ۽ قرضن کان به اعلي’ ۽ اۡتم سوچ جا ويڙها وسيل هئا. يقينن شاهه ڪريم جي نگريءّ جو هي فقير منش اديب اسانجو اثاثو ۽ ڇپر ڇانوّ هو. جنهن جي تقليد جي رستن کي اڃا به  ويڪرائيءّ جون واٽون گهۡربل هۡيو, جيڪي هاڻ اونداهو عڪس بنجي چڪيون آهن. بس سندس شفقت ۽ محبتن جي ڪٿ لاء لفظن جو ذخيرو  مونکي بيوس ڪري وجهي ٿو. جنهن کي وس ۾ ڪرڻ جي ڪا تمنا به الاء ڇو مونکي اڌۡوري ٿي ڀاسي, ڪنهن به شخصيت جي باري ۾ مڪمل دسترس وارو ڏانءۡ واقع به اڙانگو پنڌ هوندو آهي. اسان ته هر لمحي چاهيو ٿي ته  انهن محبتن کي ڪڏهن ڪا مات نه اچي!! پر فطرت جا فيصلا به ڏاڍا منفرد ۽ عجيب هوندا آهن, جن وٽ مهلت هميشه يرغمال ئي بڻيل رهندي آهي. ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي خۡود تاريخ جو تعارف هو,  هۡن جو تعارف سج کي ڏيئو ڏيکارڻ برابر آهي. پر تاريخ جي صفحن ۾ نقش ٿيل کاهوڙي ڪردارن جي ڪم ۽ تعارف کي نئين نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ به فرضي عبادت مترادف آهي. سو ان فرض کي نڀاهيندي اهو ضرور لکڻو پوندو ته ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي ( ذات جو سمون) ٽنڊي محمد خان ضلعي جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم بلڙي جي ڳوٺ خير محمد سمي ۾  5 نومبر 1953ع تي محمد دائود سمي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم اۡتان ئي حاصل ڪيائون, جنهن بعد  عبدالرحيم ڪاتيار اسڪول مان اٺ درجا پاس ڪري بدين  لڳ رپ جي ڊي جي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو, جتان نائون ڪلاس پاس ڪري, عبدالرحيم ڪاتيار کي  ان وقت هاءِ اسڪول جو درجو ملڻ بعد واپس موٽي  اچي گورنمينٽ هاء اسڪول عبدالرحيم ڪاتيار  مان ميٽرڪ  پاس ڪيائين. غربت سبب وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ کان قاصر هو, تنهنڪري جلد نوڪري لاء ڪوشش ڪري 1973ع ۾  پرائمري استاد طور تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيو. ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان پي ٽي سي ڪيائين, سجاول ڪاليج مان انٽر, جڏهن ته بي اي  1986ع ۾ ۽  ايم اي (سنڌي ادب) جي سنّد 1988ع ۾ حيدرآباد ڊگري ڪاليج سائيڊ (سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو) مان حاصل ڪيائين. پاڻ تعليمي حصول جو سلسلو جاري رکندي,

جلد ئي بي. ايڊ, ايم. ايڊ (فرسٽ ڪلاس) سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين. نوي جي ڏهاڪي ۾ ڪجهه مهينن لاء سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان جو سيڪريٽري رهيو. جنهن بعد  مسلسل محنت ۽ جاکوڙي ڪردار سبب  استادن جي تنظيم جو مقامي صدر مقرر ٿيو. جنهن لاء سنڌي ادبي سنگت کي وقت نه ڏئي سگهڻ سبب سيڪريٽري جو عهدو ڇڏي ڏنائين, ان جي باوجود ادبي مشغلا سندس دلچسپي کان قطعي خالي نه هئا, لکڻ جي شروعات اٺين ڪلاس کان ڪري چڪو هو. ان زماني ۾ "بزم طالب المولى”  شاخ بلڙي شاھ ڪريم جو ميمبر ٿيو ۽ ادبي سرگرمين ۾ تمام گهڻو فعال رهيو. سندس  پهرين ٻاراڻي ڪهاڻي "ٻارڙن جي ٻاري” پروگرام ۾ نشر ٿي. سندس لاتعداد مضمون، ڪالم ۽ مقالا مختلف اخبارن, ادبي رسالن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿيا. جن ۾ هلال پاڪستان اخبار,  هفتيوار گلن جهڙا ٻارڙا,  ماهوار اديون ڪراچي,  روزاني جاڳو ڪراچي,  اطلاعات کاتي جو ڀٽائي نمبر ڪراچي، روزاني عبرت، عبرت ميگزين، سنڌو اخبار، هفتيوار سنڌو مئگزين, هزار داستان, روزاني آفتاب, روزاني خادم وطن,  ماهوار نئين زندگي, ٽماهي مهراڻ, ماهوار الفاروق ڪراچي, ماهوار لطيف ڊائجيسٽ, ماهوار الصادق, ماهوار شريعت سکر, ماهوار مرڪ, ماهوار سرتيون,  ماهوار ڪوڪ, ماهوار المدينه ڀينڊو شريف، سلسليوار گلشن لاڙ بدين سميت ڪيترائي نالا شامل آهن.  لطيفيات سندس پسنديده موضوع رهيو. پاڻ سۡٺو شاعر به هو, سندس شاعري جا مجموعا  "سنڌ سچ ٻڌاءِ” ۽ "اندر روح رهيام” اڻڇپيل آهن.  سندس ذاتي لائيبريري ۾ لطيفيات جي ڳچ مواد سميت  ڪتابن جو هڪ وڏو انگ هن وقت به  موجود آهي. سندس لائيبريري جي  اهم ۽ تحسين لائق خاصيت اها رهي ته سندس لائبريري ۾ گھڻو مواد سنڌي ٻولي ۾ آهي, انهيءَ کان علاوه جيڪڏهن ڪو انگريزي يا اردو جو ڪتاب هوندو ته اهو به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سنڌي ادب سان لاڳاپيل ضرور هوندو. سندس شخصيت ۾ مذهبي سڀاءۡ  جي ڪري وٽس مذهب  اسلام تي به  تمام گهڻو ڪتابي مواد موجود رهيو. پاڻ نه صرف نثر پر موزون شاعري جو به سرجڻهار رهيو. 85-1984ع ڌاري بلڙي شاهه ڪريم  مان سندس سرپرستيءَ ۾“بسنت پبليڪيشن” نالي رسالو جاري ٿيو. ساڳئي ئي شھر مان 1993ع ڌاري ”ڪوڪ“ جي نالي سان رسالو پڻ جاري ٿيو، جنھن جو پاڻ سرپرست هو. مارئي تنظيم طرفان (شاهه سچل ۽ سامي انٽرنيشنل ڪانفرنس دهلي) ۾ سنڌ جي اديبن جي وفد سان هند جي سفر ڪيائين.  2005ع ۾ جڏهن ٽنڊو محمد خان ضلعو ٿيو ته ٽئين درجي جي ٻارن لاء سماجي اڀياس جو درسي ڪتاب کانئس لکرائي, 2006ع سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ ڄامشورو پاران ڇپائي اسڪولي ٻارڙن لاء پڌرو ڪيو ويو. 2009ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان "شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد جو ڪردار” جي موضوع تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. جيڪا ٿيسز 2011ع ۾ روشني پبليڪيشن پاران ڇپجي پڌري ٿي. 2014ع ۾ حج جي سعادت ماڻيائين.  مولانا محمد نورنگزادي (کورواهه) جو حج جو سفرنامون ۽ عۡمري ۽ حج جي مسئلن تي ڪتاب "انيس العاشقين” تحقيق و ترتيب سان مرتب ڪيائين. جيڪو 2016ع ۾ روشني پبليڪيشن ڇاپيو. مولانا حبيب الرحمان سومري جو اردو ۾ ڇپيل ڪتاب ”راحت القلوب”  (2015ع) جي نالي سان سنڌي ۾ ترجمون ڪيائين. سندس لطفيات تي لکيل ڪتاب 2017ع ۾ ثقافت کاتي پاران ڇپرائي, 5 نومبر 2017ع تي "شاهه لطيف ادبي ڪانفرنس” ۾ ان جي رونمائي ڪئي وئي. 2021ع ۾ "بسم الله جون برڪتون” نالي سندس ڪتاب شاد پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس طبعزاد ڪتاب جن ۾  "حيات الحيوان”, آتم ڪٿا "رولاڪ راهون” ۽ مقالن تي مشتمل ڪتاب "ڪا جا رۡوح رهاڻ” ڇپائي وارن مرحلن ۾ هئا, جيڪي هۡو پنهنجي حياتي ۾ ڇپجندي ڏسي نه سگهيو. ان کان علاوه ٽنڊي محمد خان ۽ بلڙي شاهه ڪريم جي تاريخ تي به سندس تمام گهڻو ڪم ٿيل هو, جيڪو پڻ ڇپجي منظر عام تي نه اچي سگهيو. اها حقيقت آهي ته  ٽنڊي محمد خان ضلعي ۾  سندس عملي ۽ تخليقي ادبي ڪردار ڪنهن غير معمولي جاکوڙ کان قطعي به گھٽ نه رهيو. اهڙا باعمل, بااخلاق ۽ باڪردار اديب وڏين وڇوٽين بعد پيدا ٿيندا آهن. علمي, ادبي چاهه سميت مٿس مذهب جو به تمام گهڻو اثر رهيو. 2013ع ۾ هۡو هاء اسڪول جي محترم استاد جي حيثيت ۾ تعليم کاتي مان ريٽائر ٿيو, جنهن بعد ڪيترين ئي بيمارين ۾ وڪوڙجي وڃڻ باوجود هۡن ڪۡل وقتي اديب واري ڪرت هٿان نه وڃائي. 2024ع جي بابرڪت مهيني رمضان المبارڪ جي آخري ڏهي ۾ هۡو بيماري باوجود اعتڪاف ۾ ويٺل هو, جتي سندس طبعيت سخت خراب ٿي پئي, جنهن سبب 7 اپريل 2024ع مطابق 27 رمضان المبارڪ 1445 هجري آچر جي رات پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي مليو. سندس وڇوڙو ڪيترن ئي  وجودن کي صدمو ۽ سڪتو ڏئي ويو. (ا.ڀ)

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

افلاطون جو ڪميونزم  وارو نظريو 

طفيل مگسي افلاطون جو ڪميونزم وارو نظريو اصل ۾ صرف سرپرست ۽ حڪمران طبقي تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے