تازا ترين

ڪوٽڙي: گذريل ڏينهن پراسرار نموني گم ٿيل نينگري جو لاش هٿ، وارثن قتل جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

گذريل ڏينھن افطاري وقت پرسرار نموني گم ٿيل معصوم نياڻي جو  علائقي جي بند پيل گھر مان لاش ھٿ آيو آهي جنهن کان پوءِ وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

ڪوٽڙي جي معمود شاھ ڪالوني واري علائقي مان گذريل ڏينھن افطاري وقت پرسرار نموني گم ٿيل معصوم نياڻي آسيا ڌي لياقت علي ھزارا جو لاش علائقي جي ھڪ بند پيل بنا در درين واري گھر مان ھٿ آيو آھي اطلاع تي پوليس ۽ علائقي واسي وڏي انگ ۾ واقعي واري ھنڌ پھچي ويا آھن.

معصوم نياڻي جي پيءُ لياقت علي موجب گذريل ڏينھن افطاري جي وقت منھنجي نياڻي پرسرار نموني گم ٿي ھئي جنھن جو اڄ لاش مليو آھي وڏو ظلم ٿيو آھي خدشو آھي ته کيس قتل ڪيو ويو آھي جاچ ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے