تازا ترين

سائنس فڪشن فلم ”عمروعيار“ عيدالاضحيٰ تي ريليز ٿيندي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڊگهي وقت کان خبرن ۾ رهڻ واري پاڪستاني سائنس فڪشن فلم ”عمروعيار“ جو ٽريلر جاري ڪندي ان کي عيدالاضحيٰ تي ريليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. شروعات ۾ نومبر 2021 ۾ ”عمرو عيار“ جو موشن ٽيزر جاري ڪري 2022 ۾ ريليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو پر ريليز نه ٿي سگهي. مختصر وڊيو ۾ عثمان مختار کي مرڪزي ڪردار ”عمرو عيار“ جي شڪل ۾ ڏيکاريو ويو آهي، ٽريلر مان خبر پئي ٿي ته عدنان صديقي سندس پيءُ آهي جيڪو کيس ننڍپڻ کان مختلف صلاحتين ۽ طاقتن جون ڪهاڻيون ٻڌائي ٿو. ٽريلر ۾ عثمان مختار کي ڪاليج جو پروفيسر ڏيکاريو ويو آهي جتي موجود سڀ شاگرد جنن تي ڳالهيون ڪري رهيا هئا ۽ عثمان مختار تي ڪاوڙ ڪندي نظر اچن ٿا. فلم ۾ صنم سعيد کي به اهم ڪردار مليو آهي جيڪا عمرو عيار جي ساٿي هوندي آهي، ٽريلر ۾ حمزا علي عباسي، سيمي راحيل، ثنا نواز ۽ منظر صهبائي سميت سڀين ڪردارن جون جهلڪيون ڏيکاريون ويون. واضح رهي ته عمرو عيار فلم جي ڪهاڻي هزارين سال اڳ جي قديم مسلم ادب ”داستان امير حمزه“ ۾ شامل ساڳي نالي جي ڪردارن جي ڪهاڻي آهي. ان کي هزار سال پراڻو اسلامي ادبي نسخو چيو ويندو آهي جيڪو عربي ۽ فارسي کان پوءِ مغل بادشاهن جي دور ۾ اردو ادب ۾ ترجمو ٿيو. ان ۾ مختلف جادوئي ڪردارن جون ڪهاڻيون شامل آهن جن ۾ عمرو عيار جو قصو به شامل آهي. عمرو عيار جي ڪردار کي مختلف ڊرامن ۽ فلمن ۾ پيش ڪيو ويو آهي پر پهريون ڀيرو پاڪستاني فلم ٺهي آهي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

تاپسي ۽ وڪرانت جي ” ڦر آئي حسين دلربا“ نيٽ فلڪس تي رليز

بالي ووڊ اداڪارا تاپسي پنو ۽ وڪرانت ميسي جي نئين فلم ” ڦر آئي حسين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے