سنجي جي سياست ۾ انٽري؟ اداڪار اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو
Author
اپریل 9, 2024
شوبز
168 Views
بالي ووڊ انڊسٽري ۾ اهي خبرون هلن ٿيون ته ايڪشن اسٽار سنجي دت سياست جي ميدان ۾ قدم رکڻ وارو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب سنجي دت لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ وارو آهي ۽ ڪانگريس کيس بي جي پي جي مقابلي ۾ چونڊ وڙهڻ لاءِ رٿابندي ڪري رهي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ اداڪار سياسي ميدان ۾ اچڻ جي خبرن کي رد ڪيو آهي. اداڪار لکيو ته هو سياست ۾ اچڻ جي سمورين خبرن کي رد ڪري ٿو، نه هو ڪنهن پارٽي ۾ وڃي ٿو نه چونڊن ۾ بيهندو. هن لکيو ته مداح اهڙين ڪوڙين خبرن کي اڻ ڏٺو ڪن ۽ مستقبل ۾ جيئن هن سياست ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو ته پاڻ ان جو اعلان ڪندو.