شعيب ملڪ ۽ ثانيا مرزا بابت شاهه رخ خان جي وڊيو وائرل
Author
اپریل 9, 2024
شوبز
158 Views
قومي ڪرڪيٽ جي اڳوڻي ڪپتان ۽ آل رائونڊر شعيب ملڪ جي ٻي شاديءَ بابت ڪنگ خان جي پراڻي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي. شعيب ملڪ جو نالو مشهور شخصيتن ۾ شامل آهي جن هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪيون آهن، مختلف ميڊيا رپورٽس موجب اها دعويٰ ڪئي آهي ته قومي ڪرڪيٽر ٽي شاديون ڪيون آهن پر شعيب ملڪ موجب هن رڳو ٻه شاديون ڪيون آهن پهرين ثانيا مرزا سان جيڪا 13 سال هلي ۽ ٻي ثنا جاويد سان جيڪا هن 20 جنوري تي ڪئي. شادي جي اعلان بعد شعيب ملڪ ۽ ثنا جاويد پنهنجن ئي مداحن جي تنقيد جو نشانو بڻيا. انهن مداحن پاران ئي شاهه رخ خان جي پراڻي وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ شاهه رخ خان اسٽيج تي ثانيا مرزا کي چئي ٿو ته شعيب ملڪ کان اسٽيج پٺيان سوال ڪيو ته ثانيا مرزا سان شادي کان پوءِ هن پاڪستاني ڇوڪرين کي ڇا چيو آهي جيڪي هن سان شادي جي خواهش رکن ٿيون؟