عالمي بئنڪ پاڪستان جي مستقبل بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي
Author
اپریل 9, 2024
دنيا
188 Views
عالمي بينڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ غذائي عدم تحفظ ۾ واڌ جڏهن ته تعليم ۽ صحت جي خدمتن تائين فراهمي ۾ گهٽتائي ٿي آهي. عالمي بينڪ طرفان جاري ڪيل رپورٽ وڌندڙ ٽرانسپورٽيشن لاڳت سبب اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي انگ ۾ واڌ جو خدشو به ظاهر ڪيو، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سفري لاڳت ۾ واڌ سان علاج تائين رسائي دير جو سبب بڻجي سگهي ٿي. اچ وڃ جي لاڳت ۾ واڌ سبب اسڪول، صحت مرڪزن، مارڪيٽ تائين رسائي جا خرچ به وڌي ويا آهن. عالمي بينڪ ٻڌايو ته سنڌ، خيبرپختونخوا، بلوچستان جي 43 ضلعن ۾ غذائي عدم تحفظ وڌڻ جو خدشو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ عذائي مهانگائي وڌيڪ آهي، غريب گهراڻن جي 50 سيڪڙو بجيٽ خوراڪ تي خرچ ٿيندي آهي. رپورٽ ۾ غذائي عدم تحفظ 29 سيڪڙو مان وڌي 32 سيڪڙو تي پهچڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، غذائي مهانگائي غريب گهراڻن تي وڌيڪ اثرانداز ٿي رهي آهي.